ڪورونا رسڪ الائونس بحال ڪريو، چوٿين ڏينهن به احتجاج

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) سنڌ حڪومت طرفان صحت کاتي جي ملازمن جو ڪورونا رسڪ الائونس ختم ڪرڻ خلاف گرينڊ هيلٿ الائينس جي ڏنل OPD جي مڪمل بائيڪاٽ جي سڏ تي اڄ چوٿين ڏينھن به پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف, ڊاڪٽرز ۽ ليڊي ھيلٿ ورڪرز طرفان ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا ان موقعي تي اشرف قريشي محمد يونس وسڻ حاجي آچر ابڙو سعوف ٻوھيو شھناز رانجهاڻي منور ميمڻ ڊاڪٽر ذوالفقار لاڙڪ رخسانا پيرزادو شريف ڪوريجو ساجن ٻرڙو لالا موسيٰ خان پٺاڻ ڀرٽ سلطان جوڻيجو عامر ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته حڪومت سنڌ پاران 3مهينا پهريان سنڌ گرينڊ هيلٿ الائينس جي اڳواڻن سان ڪيل ڳالهين ۾ ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ کي جائز قرار ڏيندي مرحلي وار مسئلا حل ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا پر مسئلاحل ڪرڻ بجاء هيلٿ ملازمن کي ملندڙ رسڪ الاوئونس ئي بند ڪري حڪومت ڏاڍ ڪيو آھي اسين مطالبو ٿا ڪريون ته صحت کاتي جي سمورن ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس جاري ڪرڻ سان گڏ مارچ کان جون تائين جو ڪورونا رسڪ الائونس جي مد ۾ ڊفرنس جاري ڪيو وڃي ان کان سواء ٽائيم اسڪيل سروس اسٽڪچر ۽ رھيل ھيلٿ پروفيشنل الائونس ڏنو وڃي جيڪڏھن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ وزيراعليٰ سنڌ جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو