ڪورونا جي علاج لاء دوا جي تياري اهم مرحلي ۾ داخل

ڪراچي(بيورو رپورٽ)ڪورونا جي علاج لاءِ دوائن جي تياري ڊائو يونيورسٽي ڪراچي ۾ ٿي رهي آهي جيڪا جي هڪ اهم اسٽيج ۾ داخل ٿي چڪي آهي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي انتظاميه دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا ۾ حياتي بچائيندڙ دوا جا ڪامياب ڪلينيڪل تجربا جاري آهن. ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني سائنسدانن جون اهم ڪاميابيون آهن ڪورونا وائرس مقامي حالتن موجب تبديل ٿي رهيو آهي ڊائو يونيورسٽي. اداري جي مطابق طبي معائنن دوران آئي سي يو ۾ داخل ڪورونا جي مريضن جي صحت 60 سيڪڙو بهتر ٿي رهي آهي  ۽ سخت بيمار ڪورونا جي مريضن جي صحت 100 سيڪڙو بهتر ٿي رهي آهي. ڪورونا علاج جي دوائن جي تياري ڊائويونيورسٽي جي وائس انسلر پروفيسر محمد سعيد قريشي جي هدايتن تي اپريل جي ٻي هفتي ۾ شروع ڪئي وئي هئي  جنهن ۾ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ڊي آر اي پي جو تعاون آهي .ماهرن جي مطابق سي آئي وي آئي جي انجيڪشن ڪورونا کان صحتمند ٿيندڙ مريضن جي پلازما مان اينٽي باڊينز ڪشيد ڪري تيار ڪئي ويندي آهي اهوعلاج جو طريقو پلازما ٿراپي  کان بلڪل مختلف هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو