ڪورونا جو شڪ، 68 پرڏيهين سميت، 500 تبليغي نظر بند

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ صوبي جي مختلف شهرن ۾ تبليغي جماعتن جي چر پر محدود ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جنهن بعد سکر، نوابشاهه ۽ ميهڙ ۾ ضلعي انتظاميه 500 جي لڳ ڀڳ تبليغين کي مختلف مسجدن ۾ نظر بند ڪري انهن کي قرنطينه سينٽر م تبديل ڪري ڇڏيو آهي. شيخ ڀرڪيو ۾ تبليغ تان واپس ايندڙ شخص ۾ ڪورونا جي شڪ سبب کيس انتظاميه اسپتال داخل ڪيو آهي. ***سکر مان امداد علي ڪلوڙ موجب تبليغي مرڪز ۾ قائم قرنطينه سينٽر ۾ 442  ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل، قرنطينه ۾ 374 ڏيهي ۽ 68  پرڏيهي  ماڻهو به شامل آهن، انتظاميا طرفان  گذريل ڏينهن تبليغي مرڪز ۾ قائم ڪيل قرنطينه سينٽر ۾  رکيل 442  ماڻهن جي اسڪريننگ ۽ ٽيسٽ جو عمل شروع ڪيو  ويو آهي، تبليغي مرڪز ۾ هن وقت 374  مقامي ماڻهن جن جو تعلق ملڪ جي مختلف شهرن سان آ هي ، جڏهن ته  68 پرڏيهي ماڻهن جو تعلق افغانستان، انڊونيشيا، تيونس، نائجيريا ۽ ٻين ملڪن سان آهي،  ۽ انهن سڀني کي  قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي، سکر انتظاميا موجب انهن جي اسڪريننگ مڪمل ٿيڻ بعد مختلف ٽيسٽ به  ورتا ويندا ۽ ڪراچي موڪليا ويندا ، جيستائين رپورٽ نٿي اچي ڄاڻايل ماڻهن کي آئسوليشن ۾ رکيو ويندو.*** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري موجب ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر گھرو کاتي جي ھدايتن تي ضلعي ۾ ڪورونا وائرس کي ڦھلجڻ کان روڪڻ لاءِ حفاظتي قدمن تحت ضلعي ۾ تبليغي جماعت جي چرپر تي پابندي لاڳو ڪندي سڀني تبليغي ٽيمن جي ڪورونا وائرس جي چڪاس لاء عثماني مسجد تبليغي مرڪز 60 ميل روڊ نوابشاهه کي قرنطينه سينٽر قرار ڏئي ڇڏيو آھي. اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه طارق علي سولنگي کي قرنطينه سينٽر جو انچارج مقرر ڪيو ويو آھي.***ميهڙ مان غلام حسين پنھور موجب ايس ايڇ او فريدآباد عبدالقيوم کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مختلف علائقن کان آيل تبليغي جماعت جي 25 مولوين کي ڳوٺ گرڪڻ ڳوٺ قادر بخش ۽ ڳوٺ ڇنڊڻ جي 3 مسجدن ۾ بند ڪيو ويو آهي ۽ مسجدن ٻاهران پوليس پڪٽ پڻ قائم ڪئي وئي آهي ۽ کين پابند ڪيو ويو آهي ته هو مسجد کان ٻاهر نه نڪرندا ٻئي پاسي بي ايڇ يو فريدآباد جي ڊاڪٽر ديدار عباسي تبليغي جماعت جي 25 مولوين کي يقين ڏياريو ته جلد اوهان جا سيمپل وٺي ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي ويندي جيسيتائين رپورٽ اچي اوهين مسجدن ۾ ئي رهڻ جا پابند هوندا. هڪ ڏينهن پهرين شاهه پنجو سلطان ۽ ڳوٺ ڄام ڀرٽ جي مسجدن ۾ مختلف علائقن کان آيل تبليغي جماعت جا 21 مولوي پڻ ترسيل آهن جڏهن ته مجموعي طور ميهڙ تعلقي ۾ تبليغي جماعت جي مولوين جو تعداد 46 آهي. 48 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود ڊي ايڇ او دادو سميت ڪرونا وائرس بابت مقرر ڪيل فوڪل پرسن ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم سيمپل نه وٺي سگهيا آهن ٻاهران آيل تبليغي جماعت جي مولوين سبب ڳوٺن ۾ موجود ماڻهن ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي

.*** شيخ ڀرڪيو مان مظفر علي بروهي موجب ڊرگهه موري جي ڳوٺ سليم نظاماڻي جي رهواسي 55ورهين جي  محمد بخش بروهي کي ڪرونا وائرس جو شڪ علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو متاثر شخص ڪجهه ڏينهن اڳ تبليغي جماعت سان گڏ رائيونڊ مان موٽيو هو جنهن جي اطلاع تي سول اسپتال ڊرگهه موري جي ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ سليم نظاماڻي ۾ پهچي متاثر شخص جو چيڪ اپ ڪرڻ بعد کيس حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو