ڪورونا جو زور 30 مارچ کان ٽٽڻ شروع ٿيندو، نجومي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مشهور ايسٽرولوجر ڀڳوانداس جٽيا پيشنگوئي ڪئي آهي ته 30 مارچ تي سعد اسٽار مشتري برج جدي ۾ داخل ٿيندو. جنهن سبب دنيا مان بيماري ختم ٿيندي ۽ ڪورونا وائرس جو زور به ٽٽڻ جو امڪان آهن. هندي ايسٽرولوجي بابت لال ڪتاب جي آڌار تي هن ٻڌايو آهي ته مشتري جو جدي ۾ داخل ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي ان سان دنيا مان بيماري جو خاتمو ٿيندو ۽ سٺي خبر ملندي. هن ٻڌايو ته 24 مارچ کان نئون هندي سال سنبت 2077 وڪرمي شروع ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو