ڪورونا جا 548 نوان ڪيس ظاهر، 5 وڌيڪ فوت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 548 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن بعد وائرس متاثرن جو انگ 3 لک کان وڌي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾5 ڄڻا وائرس سبب فوت ٿيا آهن. اين سي او سي طرفان جاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا وئرس وارن جو انگ 3 لک 371 جڏهن ته فوتگين جو مجموعي انگ 6 هزار 370 ٿي ويو. اين سي اوسي موجب هڪ ڏينهن ۾ 29 هزار 534 ٽيسٽ ڪيا ويا، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس مريضن جو انگ هڪ لک 31 هزار 404، پنجاب ۾ 97 هزار 533 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 36 هزار 823 انگ آهي، اسلام آباد ۾ 15 هزار 832 ۽ بلوچستان ۾ 13 هزار 282، آزاد ڪشمير 2 هزار 366 ۽ گلگت ۾ 3131 انگ ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو