ڪورونا باوجود ٽارگٽ کان وڌيڪ انبن جي ايڪسپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان هلندڙ  سال انبن جي ايڪسپورٽ لاءِ مقرر ڪيل ٽارگٽ کان وڌيڪ انب پرڏيهه موڪلي 7 ڪروڙ 20 لک ڊالر جو قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ورتو آهي. هلندڙ سال 80 هزار ٽن ايڪسپورٽ جو ٽارگٽ هو پر ڪروونا جي وبا جي باوجود سوا لک ٽن ايڪسپورٽ ڪيا ويا. آل پاڪستان فروٽ اينڊ ويجيٽيبل ايڪسپورٽر، امپورٽرز اينڊ مرچنٽس ايسوسيئيشن (پي ايف وي اي) جي پيٽرن انچيف وحيد احمد توقع ظاهر ڪئي آهي ته ايندڙ  ڏيڍ مهيني ۾ 25 هزار ٽن سيزن ختم ٿيڻ کان اڳ وڌيڪ انب پرڏيهه موڪليا ويندا. هن سال ٽارگٽ کان 45 هزار ٽن انب اڳ ۾ ئي پرڏيهه موڪلي چڪا آهيون. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال انبن جي پيداوار 35 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. گذريل سال 18 لک ٽن پيداوار هئي ۽ هن سال 13 لک ٽن آهي. گذريل سال ايڪسپورٽ هڪ لک 30 هزار ٽن هئي. هن چيو ته انٽرنيشنل اڏامون بند هيون ان ڪري زميني ۽ سامونڊي رستي ايڪسپورٽ ڪيا ويا ۽ هي سيزن ڏکئي ۾ ڏکئي هئي. هن ٻڌايو ته هن سال افغناستان ٽاپ مارڪيٽ رهيو جڏهن ته متحده عرب امارات، ايران ۽ عمان ڏانهن به انب ايڪسپورٽ ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو