ڪورونا، پاڪستان ۾ 25 فوت، يورپ ۽ آمريڪا ۾ تباهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)دنيا جيان پاڪستان ۾ به تيزي سان ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ جاري آهي ۽ وائرس سبب مرندڙن جو انگ 25 ٿي ويو آهي. جن مان 9 پنجاب، 7 سنڌ، خيبرپختونخواهه ۾ 6، باقي مرندڙن ۾ گلگت 2 ۽ بلوچستان ۾ هڪ شامل آهن. پاڪستان ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 1872 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 658، سنڌ ۾ 627، خيبرپختونخواهه 221، بلوچستان 154، گلگت 148، اسلام آباد 58 ۽ ڪشمير ۾ 6 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. هوڏانهن دنيا ۾ به وائرس جو ڦهلاءَ تيزي سان جاري آهي، 7 لک 89 هزار 806 ماڻهو وائرس م مبتلا ٿي چڪا آهن، مرندڙن جو انگ 38 هزار ۽ صحتياب ٿيندڙن جو تعداد هڪ لک 66 هزار کان مٿي ٿي چڪو آهي. مرندڙن ۾ اٽلي واحد ملڪ آهي جتي فائيو فگر آهي ۽ مرندڙن جو انگ 11591 ٿي ويو آهي. جڏهن ته اسپين 7716، چين ۾ 3305، ايران 2757، فرانس 3024، آمريڪا 3173 ۾ ماڻهو مري چڪا آهن. سڀ کان وڌيڪ مريض آمريڪا ۾ 164359ٿي چڪا آهن. وفاقي حڪومت عوام لاءِ هيلپ لائن 1166، سنڌ حڪومت 02199203443 ۽ 03160111712 قائم آهي جنهن تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو