ڪورونا، مڪي ۽ مديني ۾ ڪرفيو، پاڪستان ۾ 34 فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي حڪومت ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءَ مڪي، مديني، جدي ۽ رياض ۾ 24 ڪلاڪن لاءِ تا حڪم ثاني ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو آهي. 3 ڪروڙ آبادي واري ملڪ سعودي عرب ۾ هن وقت تائين 1885 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿيا آهن ۽ 21 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ڪرفيو دوران اهم ماڻهن کي کاڌي پيتي ۽ دوائن لاءِ ٻاهر نڪرن جي اجازت هوندي. خميس تي شام کان ڪرفيو لاڳو ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٿائيلينڊ ۾ به رات جو 10 هين کان صبح 4 وڳي تائين تاحڪم ثاني ڪرفيو نافذ ڪيو ويو آهي. هالينڊ م 101 سالن جي عورت ڪورونا وائرس مان صحتمند ٿي وئي آهي. هالينڊ ۾ 1339 ماڻهو مري چڪا آهن ۽ 14700 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن. دنيا ۾ مرندڙن جو انگ 50 هزار کان وڌي ويو آهي خميس تي رات 9 وڳي تائين مرندڙن جو انگ 50255 ٿي چڪو هو. يورپ ۽ آمريڪا ۾ مرندڙن جو انگ بدستور وڌيڪ رهيو. 2 لک کان مٿي ماڻهو وائيس مان صحتمند ٿي چڪا آهن ۽ دنيا ۾ وائرس جي مريضن جو انگ 10 لک 80هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ مرندڙن جو انگ 34 ٿي ويو آهي ۽ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 2391 ٿي ويو آهي. اٽلي ۾ ڪالهه رات تائين مرندڙن جو انگ 13915 ٿي ويو هو  ڪالهوڪي ڏينهن ۾ 760، اپيسن ۾ 616، برطانيا ۾ 569 ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ مئا. اسپين ۾ مرندڙن جو انگ 10 هزار ۽ آمريڪا ۾ 5 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو