ڪوئٽا ۾ دستي بم سان حملو ٻن ٻارن سميت 7 ماڻهو زخمي

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) اسمنگلي روڊ ڪوئٽا ۾ ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پوليس موجب شرپسندن مزدورن تي دستي بم اڇلايو جنهن ۾ ٻن ٻارن سميت 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. سيڪورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي تلاشي شروع ڪئي آهي. ريسڪيو ٽيمون به جاءِ واردات تي پهچي ويون آهن. ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا عام آهن. آگسٽ ۾ چمن روڊ تي ڌماڪي ۾ 5 فوت 14 زخمي ٿيا هئا. پاڪستان ڀارت تي الزام هڻندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو