ڪوئٽا ۾ پوليس اسٽيشن ٻاهران ڌماڪو 5 فوت،36 زخمي

ڪوئٽا(ڊيسڪ رپورٽ) باچا خان چوڪ لڳ سٽي پوليس اسٽيشن ٻاهران بم ڌماڪي ۾ 5 فوت 36 زخمي ٿي پيا آهن.عيني شاهدن موجب ڌماڪو زوردار هو آس پاس جي عمارتن ۽ شاپنگ مال جي دوڪانن جا شيشا ٽٽي پيا. زخمين ۾ ايڊيشنل ايس ايڇ او ۽ 2 پوليس اهلڪار، عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. آءِ جي بلوچستان محسن حسن بٽ جو چوڻ آهي ته ٿاڻي ٻاهران موٽر سائيڪل ۾ بم نصب هو ۽ حملي ۾ ٽارگٽ پوليس آهي. سيڪورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي تلاشي شروع ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو