ڪوئٽا کي اسلام آباد جي تاريخي شڪست، نوان رڪارڊ قائم

دبئي (ويب ديسڪ) پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن ۾ متحدو عرب امارات ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز کي اسلام آباد يونائيٽڊ شڪست ڏئي ڇڏي. عثمان خواجا ۽ ڪولن منرو جارحاڻي بيٽنگ ڪندي ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ڳب ظهبي ۾ ٿيل ميچ ۾ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 133 رنز تي ڍير ٿي وئي. جوابي بيٽنگ ڪندي عثمان خواجا ۽ ڪولن منرو 10 اوورز ۾ حدف حاصل ڪري ورتو جيڪو وڏو رڪارڊ آهي. ٻنهي رانديگرن پاور پلي جي 6 اوورز ۾ 97 رنز ٺاهي نئون رڪارڊ قائم ڪيو.

ٽي ٽوئنٽي جي پهرين پاور پلي ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهڻ جو رڪارڊ ناٽنگهم شائر وٽ آهي جيڪو 106 رنز جو آهي. ٻنهي اوپننگ جو 137 رنز جو رڪارد قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ تيز ترين سينچري پارٽنر شپ 38 بالن تي مڪمل ڪئي، جيڪو پڻ رڪارڊ آهي. ان کان اڳ پي ايس ايل ۾ تيز ترين پارٽنرشپ م سينچري اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ ڪوئٽا گليڊيئٽرز وٽ هو سرفراز احمد ۽ ڪيون پيٽرسن 45 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي. هن ميچ بعد پوائنٽ ٽيبل تي اسلام آباد ٻئي نمبر تي آهي ۽ پلي آف مان ڪوئٽا جي خارج ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇو ته هنن 6 ميچز مان رڳو هڪ کٽي آهي. پهرين نمبرتي لاهور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو