صبح ڪوئٽا شام چمن ۾ بم ڌماڪا، 22 فوت 58 زخمي

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي سبزي منڊي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20ماڻهو مارجي ويا ۽48 کان وڌيڪ ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. جنهن بعد چمن ۾ پڻ موٽر سائيڪل ۾ فٽ ٿيل بم ڦاٽو جنهن ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٻڌايا وڃن ٿا. چمن ۾ بم ان وقت ڦاٽو جڏهن ايف سي جو قافلو گذري رهيو هو. جمع جي صبح ڪوئٽا ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ مري ويلن ۾ هڪ ايف سي اهلڪار به شامل آهي جڏهن ته ٻيا عام شهري آهن. مري ويلن ۾ اڪثريت هزاره برادري جي ماڻهن جي آهي. ڊي آءِ جي عبدالرزاق چيما صحافين کي ٻڌايو ته سبزي منڊي ۾ ڪافي تعداد ۾ ماڻهو خريد ۽ فروخت ۾ مصروف هئا ته اوچتوڌماڪو ٿيو. ڌماڪيدار مواد سبزي ۾ لڪايل هو. هن چيو ته بظاهر لڳي ٿو ته هزاره برادري جي ماڻهن کي نشانو بڻايوويوآهي. ڌماڪي کانپوءِ فوري طور تي امدادي ٽيمون ۽ سيڪيورٽي فورسز موقعي تي پهتيون، زخمين ۽ لاشن کي سول ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو ويو. ڊي آءِ جي ڪوئيٽا جو چوڻ هو ته مزدور پٽاٽن جون ٻوريون گاڏي ۾ لوڊ ڪري رهيا هئا ته ان وقت زوردار ڌماڪو ٿيو. ماهرن جون ٽيمون جاچ بعد ٻڌائينديون ته پٽاٽن جي ٻوري ۾ نصب مواد ريمورٽ ڪنٽرول هو يا ديسي ساخته، واقعي واري هنڌ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٽيم به پهتي. هوڏانهن وزيراعظم، گهرو مملڪتي وزير شهريار آفريدي، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سميت سياسي اڳواڻن جي طرفان هزار گنجي ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو