ڪوئٽا اپوزيشن جو ٻن هفتن کان جاري ڌرڻو ختم

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان اسمبلي باهران اپوزيشن جو لڳل ڌرڻو 14 ڏينهن بعد ڪيس واپس وٺڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويو آهي. بجيٽ جي موقعي تي اپوزيشن احتجاج ڪيو هو ته سندن حلقن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ بجيٽ نٿي رکي وڃي. ان دوران بلوچستان جي وڏي وزير تي جوتو به اڇلايو ويو ۽ پوليس بڪتر بند گاڏي جي ٽر سان اسمبلي جي گيٽ کي لڳل تالو ٽوڙيو هو. جنهن بعد اپوزيشن اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جيڪو وڏي وزير جي هدايت تي واپس ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو