ڪنڌ ڪوٽ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو، ايس ايڇ او زخمي

ڪنڌڪوٽ (ن س) سنڌ جي ضلعي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينه مقابلي دوران پوليس ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  پوليس موجب ٻنهي مغوين جو تعلق شهدادپور سان آهي. جڏهن ته مقابلي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت ڪجهه اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جو به اطلاع آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اهو مقابلو ڪچو ڪيٽي ٿاڻي جي حد ۾ تيغاڻي پتڻ لڳ ٿيو. ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان شروع ۾ ته انڌا ڌنڌ فائرنگ هلي پئي پر بعد ۾ جڏهن وڌيڪ پوليس اٽالا پهتا ته ڌاڙيل ڀڄي ويا. هوڏانهن پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته  ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او غلام قادر جتوئي چيلهه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي دوران شهدادپور واسي ٻن مغوين کي به بازياب ڪرايو ويو آهي. مغوي سيف الحاجاڻو فون تي عورتاڻي آواز تي هرکجي اچي ڌاڙيلن وٽ ڦاٿو هو. ياد رهي ته ڪنڌ ڪوٽ پنجاب جو دنگائي ضلعو آهي ۽ سنڌو دريا ذريعي سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي جا علائقا ڳنڍيل آهن. اهي علائقا وڏي عرصي کان ڌاريلن جو ڳڙه سمجهيا وڃن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو