ڪنڌ ڪوٽ جو ڪچو ٻڏي ويو،هزارين ماڻهو ڦاثل،ترت واهر جي اپيل

ڪنڌڪوٽ( غالب بلوچ) سنڌودرياهه ۾ اوچتو پاڻي جي واڌڪري ڪچي جا ٽي ڳوٺ ڄام سونھارو چاچڙ، دراني مھر۽ دوست محمد سبزوئي سميت بدنام ڏوهارين جي ڳوٺ جيئند جاگيراڻي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جا سوين گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن. سيلاب ھيٺ ايندڙ ھزارين ڳوٺاڻا سيلاب جي پاڻي ۾ ڦاتل آھن.

جيڪي پڪي طرف لڏ پلاڻ ڪرڻ لا۽ پريشان آھن. ڳوٺاڻن سنڌيارسان ڳالھائيندي چيوته ڪچي جي علائقي ۾ ھرسال دريائي پاڻي ايندڙ آھي انجي باوجود سنڌحڪومت يا ضلعي انتظاميه ڪنھن به قسم جوانتظام نه ڪرڻ ڪري ھرسال جيئان ھن ڀيري ڀي بي يارومددگاربڻيل آھيون. متاثرين جو چوڻ آھي ته ھن وقت اسانکي ٻاھرنڪرڻ لا۽ ڪا به سھوليت نه آھي جنھن ذريعي اسان پنھجون عورتون، ٻارڙا ۽ اناج وغيره ٻاھر ڪڍي سگھون.جڏھن ته ضلع انتظاميه پاران ھيل تائين نه ميڊيڪل ڪئمپ ۽ نه وري رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو