گهوٽ ڪنوار تي حملو، گهوٽ فوت ڪنوار زخمي

سيٺارجا( سجاد علي ڪٻر) ڳوٺ عجيب دستي ۾ گذريل رات هٿياربندن جوابدارن  ڳوٺاڻي علي اڪبر دستي جي گهر ۾ داخل ٿي نئين شادي شده جوڙي  45 سالا علي اڪبر دستي ۽ سندس 35 سالا زال خيران تي خنجرن جا وار ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو جنهن مان اڪبر دستي علاج دوران سول اسپتال خيرپور ۾ زخمن جا سور نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو ٻڌايو ويو آهي ته ناري خيران جيڪا طلاقيل هئي ۽ هن جي علي اڪبر سان گذريل ڏينهن ٻئي شادي ٿي هئي  ۽ جوابدار اهڙي شادي تي ناراض هئا جنهن تان حملو ڪري زال مڙس کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ اڪبر دستي زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس زال کي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي ميرواهه مقتول اڪبر دستي جي پٽ جي فرياد تي ٽن جوابدارن غلام محمد، نور محمد ، علي محمد خلاف ڪيس داخل ڪري نور محمد کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري  رهي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو