ڪميونسٽ اڳواڻ ڪريم بخش ملڪ هميشهه لاءِ وڇڙي ويو

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) کاٻي ڌر جي سٿ جو ساٿي ڪريم بخش ملڪ جسم جو حصو سڙڻ سبب گمس اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي  فوت ٿي ويو. مرحوم جي جنازه نماز ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته سندس جنازه نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس بي وقتائتي موت تي سندس پراڻي دوستن رئوف پارس دايو، فضل ڪلهوڙو ،اياز لطيف دايو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪريم بخش نظرياتي اساس رکندڙ ساٿي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر سندس ڪيل خدمتون ساراھ جوڳيون آهن جنهن جو ذڪر نه ڪرڻ مرحوم سان نا انصافي هوندي هنن سنڌ يار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس زندگي جي ڊگھي جدوجھد متعلق جيڪڏهن هي شيون نه ٿيو ٻڌايون وڃن ته ساڻس زيادتي هوندي ڪريم بخش ڪميونسٽ پارٽي سان واڳيل ھجڻ دوران ڊي ايس ايف اڳواڻ طور 1983 جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتار ٿي سينٽرل جيل سکر ۾ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون.

جڏهن ته هُو زندگي جي آخري گھڙين تائين ترقي پسند نظريي تي ڪاربند رھيو. 1980 جي ڏھاڪي دوران سنڌي ادبي سنگت گھوٽڪي جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو هو نوجوان سنگت گھوٽڪي جي پليٽ فارم تان گھوٽڪي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. هو نوجوان سنگت گھوٽڪي جي سرواڻ طور ھن پنھنجي سٿ جي ساٿين سان گڏجي گھوٽڪي ۾ گھڻي ۾ گھڻيون اکين جون ۽ طبي ڪيمپون ھڻائي انساني خدمتن جو فريضو سرانجام ڏنو. ان سان گڏوگڏ ھو گھوٽڪي ۾ ھندو شيوادارين سان گڏجي مسڪين ۽ مزدور پيشـه ماڻھن لاءِ درسترخوان قائم ڪري روزانو سوين ماڻھن کي مفت مانجھاندو مھيا ڪندو ھو. زندگي جي آخري پساھن تائين اھا خدمت جاري رکندو آيو اڄ سندس اوچتي وڇوڙي تي اسان کي صدمو رسيو آهي ۽ شايد ئي ڪير سندس خال ڀري الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عط فرمائي.  ٻئي طرف فوتي ڪامريڊ جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو