ڪمند ڪريشنگ دوران احتياطي اپاءُ ورتا ويندا؛ موٽروي پوليس

سکر (بيورو رپورٽ) آءِ جي موٽر وي  اي ڊي خواجه ۽ ايڊيشنل آءِ جي موٽر وي سنڌ ڊاڪٽر آفتاب پٺاڻ جي واضح  حڪم بعد پوري ملڪ جيان سنڌ ۾ هلندڙ سال ڪمند جي  ڪريشنگ سيزن ۾ ايس ايس  پي موٽر وي غلام سرور ڀيو جي نگراني ۾ موٽر وي پوليس سکر سيڪٽر  ڏينهن رات اڻٿڪ محنت ۽ بهترين حڪمت عملي سبب ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي ملن ۾ ڪمند جي سپلاءِ دوران روڊ بلاڪ ۽ ان سبب پيش ايندڙ روڊ حادثن تي  ڪنٽرول ڪرڻ ۾ رڌل آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي موٽر وي غلام سرور ڀيو مل مالڪن، ڊپٽي ڪمشنرن سان گڏجاڻيون پڻ ڪيون، جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالين  جي ڊرائيورن کي موٽر وي پوليس طرفان ڏينهن رات ٽريفڪ قانون ۽  ڊرائيونگ  دوران احتياطي  اُپائن بابت خاص هدايتون جاري  ڪيون، جنهن  سبب   هن سال روڊ حادثن ۽  روڊ  بلاڪ جهڙي سنگين مسئلي تي  ضابطو آڻڻ ۾ مصرف آهيون. ياد رهي ته هلندڙ سال موٽر وي پوليس بهترين قدم کنيا آهن ۽ عام عوام  جي سفر کي  آسان بڻايو. ايس ايس پي موٽر وي سکر غلام سرور ڀيو سکر سيڪٽر جي سمورن ڊي ايس پيز کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هلندڙ سال  ڪمند جي ڪريشنگ سيزن ۾ ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي ملن  ۾ ڪمند جي سپلاءِ جي موقعي تي شگر مل انتظاميا سميت لوڪل ايڊمنسٽريشن سان رابطو رکي ته جيئن ڪمند جي لوڊ ٽريڪٽر ٽرالين سبب ڪنهن به  اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻي سگهجن.

پهنجو تبصرو موڪليو