ڪمند ڀڃڻ تي ٻارن تي تشدد ڪندڙ ڪمدار گرفتار

ٽنڊوباگو (رپورٽ:- سھيل سمون) ڏيئي ٿاڻي جي حد ۾ ديهه عاقل ۾ بااثر زميندار جي ڪمدار نالي غلام رسول خاصيخلي پاران سندس زمين مان ڪمند ڀڃڻ تان مڇرجي ڳوٺ جي ٻن  معصوم ٻارڙن نالي رمضان پٽ سڪندر عمر 8 سال ۽ غلام مصطي عمر 10 سال کي ڪمند پٽڻ دوران ٻڌي سندس اوطاق تي وٺي وڃي تشدد ڪرڻ جي ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوء ڪيس داخل , ڏيئي پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي بدين فورن نوٽيس ورتو  سندس حڪم تي بااثر زميندار جي ڪمدار غلام رسول خاصخيلي خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. هن وحشياڻي تشدد تي سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن سريش ڀيل، اقبال خاصخيلي، آنند ڪمار ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي جوابدار کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو