ڪمزور جمهوريت آمريت کان وڌيڪ خطرناڪ آهي؛ فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪمزور جمهوريت آمريت کان وڌيڪ خطرناڪ آهي آمريت ۾ آمر خلاف جدوجهد ڪري سگهجي ٿي پر ڪمزور جمهوريت ۾ آمريت پويان هوندي آهي. وزيراعظم عمران خان جي يوم ڪشمير يڪجهتي جي موقعي تي خطاب جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان بيان جاري ڪندي چيو ته ڪمزور جمهوريت به بهترين آمريت کان بهتر جو دليل ڏنو پيو وڃي پر ڪمزور جمهوريت آمريت کان وڌيڪ نقصان ڏيندڙ آهي. هن چيو ته مايوسي جي ماحول ۾ به 19 مارچ تي لاهور ۾ وڏو جلسو ڪنداسين آزادي مارچ هلندو رهيو ۽ منزل تي پهچي دم کڻنداسين. ان کان اڳ اسلام آباد ۾ ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا چيو ته پاڪستاني قوم هميشهه ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي سياسي جماعتن ۽ عوام به هميشهه ڪشمير جو ڪيس وڙهيو آهي. هن چيو ته انساني حقن واريون عالمي طاقتون ڏيکاءُ جو نعرو آهي نائين اليون کان پوءِ آزادي جي تحريڪ کي دهشتگردي سان ڳنڍيو ويو جنهن کان پوءِ مسلمان ملڪن ۾ عدم تحفظ وڌيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته شام، يمن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي سعودي عرب تي خطري جي تلوار لٽڪي رهي آهي بين الاقوامي جارحيت ٿي رهي آهي اقوام متحده مظلوم قومن جي تحفظ لاءِ روئي رهيو آهي جنهن ۾ ڪشمير سرفهرست آهي. هن چيو ته اسان مقبوضه ڪشمير کي حاصل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪنداسين هئاسين پر اڄ صرف ڪشميرين جي حقن جي ڳالهه ٿا ڪيون اسان جا حڪمران بين الاقوامي طاقتن جا ايجنٽ بڻيل آهن. هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ناهي جبريت آهي وزيراعظم جڏهن آمريڪا کان واپس ايندو هو ته چوندو هو ته ڪشمير تي ٽرمپ ثالثي ڪرڻ جي حامي ڀري آهي. هن چيو ته فسطين معاملي تي جهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي بيت المقدس اسرائيل حوالي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جن حالتن کان اسان گذري رهيا آهيون اها جمهوريت ناهي ان صورتحال ۾ آمر نظر نه ٿو اچي ڇاڪاڻ ته مارشل لا جي دور ۾ به آمر نظر ايندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو