ڪمار سانو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا، سالگرهه خراب

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بولي ووڊ جو مشهور گلوڪار ڪمار سانو ڪورونا وائرس م مبتلا ٿيڻ بعد پاڻ کي تنها ڪري ڇڏيو آهي. هو پنهنجي سالگره ملهائڻ لاءِ گهر ڀاتين وٽ آمريڪا وڃڻ چاهي پيو ۽ ايئر لائن جي ايس او پيز موجب ڪا علامت نه هجڻ تي ٽيسٽ ڪرائڻ بعد سندس ٽيسٽ مثبت اچي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب نوي جي ڏهاڪي ۾ شهرت جي بلندين تي پهچندڙ پلي بيڪ سنگر 62 سالن جو ڪمارسانو چيو آهي ته منهنجي طبيعت  ٺيڪ آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جون علامتون ظاهر ناهن ٿيون. سندس گهرواري سلوني ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪمار سانو ٺيڪ ٿي ويو ته هو 8 نومبر تي آمريڪا ايندو ۽ جيڪڏهن هو نه اچي سگهيو ته اسان سڀئي ان سان گڏ تهوار ملهائڻ ممبئي وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو