ڪمارا جي قتل جا ذميوار سزا کان نه بچي سگهندا، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ واقعي جي جوابدارن کي سزا يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيالڪوٽ واقعي تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ سيالڪوٽ سانحي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سيالڪوٽ سانحي اسان جو ڪنڌ شرم کان جھڪايو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سيالڪوٽ واقعي جي جوابدارن کي سزا ڏني وڃي.ياد رهي ته 3 ڊسمبر تي اسپورٽس گارمينٽ فيڪٽري جي غير مسلم سريلنڪن مئنيجر پريانٿا ڪمارا کي مذهبي پوسٽر هٽائڻ جي الزام ۾ فيڪٽريءَ جي ملازمن حملو ڪيو، پريانٿا ڪمارا پنهنجي جان بچائڻ لاءِ مٿي ماڙيءَ تي ڀڄڻ لڳو پر فيڪٽري جي ملازمن ان جو تعاقب ڪيو ۽ کيس ڇت تي گهرايو ويو. فيڪٽري جا محافظ انسانيت جي خوني راند کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، فيڪٽري جي ملازمن مئنيجر کي هيٺ لاٿو، کيس مارڪٽ ڪري قتل ڪيو، مارڪٽ ڪري پوءِ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو