ڪلڀوشن کي ڏنل رعايت ڪمزوري يا مجبوري، اسماعيل لانگاهه

موجوده حڪومت جي ملڪي ۽ غير ملڪي سخت گير پاليسين جو طريقيڪار هاڻ واضع ٿي رهيو آهي ته ملڪ دشمنن ۽ عوام سان ڪيتري قدر سچائي ۽ مخلصي آهي جنهن جو ثبوت عالمي دهشتگرد ڪلڀوشن کي اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ خصوصي قانون سازي وارو معاملو هن وقت ملڪ جي حڪومتي ۽ مخالف جماعتن ۾ سياسي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي , جنهن مسئلي تي خاص طور وزير اعظم کي سخت تنقيد جو نشانو به بڻايو پيو وڃي هن عالمي ليول واري معاملي تي ٻيون پارٽيون ظاهري طرح کڻي تنقيد نه به ڪري رهيون آهن پرپيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تي الزام لڳايو آهي ته هندستاني جاسوس ڪلڀوشن ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان کي اين آر او ڏنو ويو آهي جيڪا حڪومت وڏي واڪي هميشه  چوندي رهي آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به ياسي  توڙي دهشتگردي وارداتن ۾ ملوث اڳواڻ لاء اين آر او جي گنجائش ناهي ۽ اها حڪومت عالمي دهشتگرد اڳواڻن کي ڪهڙي آڌار رعايت ڏني آهي وزير اعظم صاحب ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت تي ڪڏھن به ناهي ڪُڇيو ويتر ڪلڀوشن معاملي ۾ نرمي ڏيکاري آهي کين هن کي ڀارت واپس ڪرڻ جو پلان جوڙيو پيو وڃي جيڪڏھن ڀارت کي پاڪستان سان دوستي جو هٿ وڌائڻو هو گرفتار پائليٽ اڀي نندن جي باحفاظت رهائي کانپوء تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ها پر ڀارتي حڪومت ڀارتي پائليٽ جي رهائي کي پنهجي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي ناڪامي تصور ڪيو. پ پ چيئرمين وزير اعظم تي تنقيد ڪندي چيو ,جهانگير ترين، بي آر ٽي ، مالم جبا ، بلين ٽري ، شوگر چورن کي اين آر او ڏنو , تازو اين آر او ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي ڏنو ويو پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ڀارت اسانجي امن ۽ روادري واري طريقي کي ڪمزوري سمجهي رهيو آهي, هن گذريل هڪ سال کان ڪشميري ڀائرن جو بي گناھ خون وهايو آهي جيڪڏھن هو پاڪستان سان ثالثي چاهي ها ته ايترو ظلم نه ڪري ها 300 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ڀارت ڪشمير ۾ ڪرفيو لڳائي ويٺل آهي ڪلڀوشن کان وڌيڪ ڪشميري دهشتگرد آهن, ڪلڀوشن معاملي تي خود وفاقي حڪومت سمورن سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي ها ڀارت سان ٿيل رعايت حڪمرانن کي ڳچي ۾ پوندي پ پ چيئرمين چيو ته ڪلڀوشن مڃيو ته هو پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندو هو ، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کيس اين آر او لاءِ جواز پيش ڪري رهيا آهن جڏھن به وزير اعظم خلاف بيان جاري ٿيندو آهي ته مبينا طور دهشتگردن طرفان ڌمڪيون جاري ٿينديون آهن عمران خان پاران وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوء بيرون ملڪ ۽ پاڙيسري ملڪن خاص طور ڀارت سان پاليسن ۾ سخت روين بعد گذريل ٻن سالن کان ڀارت پنهنجي پاليسي روين ۾ سختي آڻي ڇڏي آهي ۽ ڪلڀوشن کي ڏنل قونصلر رسائي ۽ ان جون پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪاروارين جو جائزو وٺجي ته ڪلڀوشن پاڪستان ۾ٿيندڙ ٽارگيٽيڊ  ڪامياب حملن جو ماسٽر هو جنهن ملڪ اندر وڏين وڏين دهشتگرد ڪارواين بم ڌماڪن وسيلي پاڪستان ۾ پنهنجون ڪاروايون ڪيون ڪڀلوشن انڊين آرمي انٽيليجنس جو هڪ ريٽائر آفيسر هو جيڪو ملڪ ڇڏي ايران آيو جتي ايراني پاسپورٽ وسيلي ڀارت, ايران پاڪستان ۾ ڪيترائي چڪر لڳائي چُڪو هو, هن جو ايراني شپنگ ڪارپوريشن ۾وڏو ڪاروبار هو جنهن کي  3 مارچ 2016 تي پاڪستان سيڪيورٽي فورس پاران بلوچستان جي علائقن ماشڪيل ۾ گرفتار ڪيو جنهن وٽان ايراني شهري هجڻ جو پاسپورٽ هٿ آيو جيڪو جنهن تي پاڪستان اندر دهشتگردي ڦھلائڻ جي الزامن هيٺ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل تحت سزا موت ٻُڌائي وئي ان دوران پاڪستان طرفان پوء ڀائپي جي جذبي تحت سندن ڪلڀوشن کي 25 ڊسمبر 2017 تي خاندان سان ملاقات ڪرائي وئي پاڪستان ڪورٽ مارشل جي فيصلي کي ڀارت پاران چئليج ڪندي ڪيس انصاف جي عالمي عدالت دي هيگ ۾ ھلائڻ جو مطالبو ڪيو جيڪو سندن تسليم ڪيو ويو ويو, جنهن ڪيس جي شنوائي لاء 15 رڪني فل بئنچ مقرر ڪرائي وئي ۽ جنهن ۾ پاڪستان جو هڪ ايڊهاڪ انڊيا جو مستقل جج پڻ موجود هئا انصاف جي عالمي عدالت جي ججن فيصلو ٻُڌايو ته پاڪ ڀارت ويانا ڪنوينشن جا ميمبر ملڪ آهن جنهن تي پاڪستان اعتراض واريا آهن ته ڪلڀوشن هڪ عالمي دهشگرد آهي جنهن لاء ڪا به قونصلر رسائي ناهي هوندي عالمي عدالت ڀارتي رٽن کي رد ڪندي ڪلڀوشن,کي پاڪستان جي حوالي ڪيو ويو ۽ڪلڀوشن عالمي عدالت ۾ پڻ مڃيو ته هو پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشتگرد واراداتن جو ماسٽر مائينڊ رهيو. ڪلڀوشن جو تعلق انڊين آرمي انٽيليجنس جيڪو سن 2003ع ۾ شامل ٿيو جيڪو ايراني پاسپورٽ تي پنهنجو نالو حسين مبارڪ پٽيل لکرائي ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جا چڪر لڳايا انڊين پريس ايجنسي مطابق ڪلڀوشن يادو ايراني بندرگاھ شهر بندر عباس کان فيريز آپريٽر جو ڪاروبار ڪندو رهيو هو چابهار ۽ ايران جي مختلف شهرن ۾ ڪاروباري طبقي شامل ٿي ويو اهڙي طرح هو گمنام شخصيت بڻجي بڻجي سن 2003 ۽ 2004ع ۾ انڊين خفيا ايجنسي را جي مدد سان ڪراچي سميت پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ وڏيون دهشتگرد ڪاروايون ڪرارون ۽ ڪامياب ويو هن وقت هو پاڪستان ۾ زير حراست آهي جنهن کي قونصلر رهائي ۽ ٻيون رعايتون ڏيڻ لاء پاڪستان حڪومت پنهنجي رويي ۾ جيڪا نرمي ڏيکاري آهي ان تي ملڪ جي سياسي جماعتن پاران  بحث مباحثه پڻ جاري آهن, مخالف سياسي پارٽيون ان عمل کي حڪمرانن جي ڪمزوري سمجهي رهيون آهن عام,طور اهو چيو پيو وڃي ته گرفتار پائليٽ اڀي نندن کي رعايت ڏئي اسانجي حڪمرانن وڏي غلطي ڪئي ۽ ھاڻي ڪلڀوشن کي رعايت ڏيڻ سراسر پنهنجي ڪمزوري ظاهر ڪرڻ جنهن کي ڀارت پنهنجي طاقت سمجهي ٿو پاڪستان ڀارت سان جيتري قدر دوستي جو هٿ وڌايو آهي اوتري کين دشمني پلئه پئي آهي ڪلڀوشن جي گرفتاري ظاهر ڪندي جڏھن پاڪستان هن کي ڀارتي شهر هجڻ جو چيو ته ڀارت کين هن کي ايراني شهري قرار ڏنو جڏھن فليڊ ڪورٽ مارشل آرمي ايڪٽ تحت پاڪستان ۾ ھن کي موت جي سزاٻُڌائي وئي ته ڀارت يوٽرن وٺندي ڪلڀوشن,کي ڀارتي شهري تسليم ڪندي 10 مئي 2017ع تي عالمي عدالت ۾ درخواست ڏئي کين آزادي جو مطالبو ڪيو جنهن ۽ ٺيڪ ٻن ورهين بعد 17 جولاء 2019 تي فيصلو ٻُڌايو ته ڪلڀوشن جي اعترافي بيانن مان اهو سمجهيو وڃي ته هو پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارواين ۾,ملوث رهيو آهي هو عالمي قانون تحت مجرم آهي عالمي عدالت جي ان فيصلي بعد ڀارت جون امن پسند ملڪ هئڻ واريون دعوائون مٽي ۾ ملجي ويون جنهن هميشه پاڪستان تي دهشگردن جي حمايتي هئڻ جا الزام لڳايا ۽ خود پاڻ ان الزام جو مجرم قرار ڏنو ويو. هن وقت جڏھن پاڪستان پاران عالمي قانون جي پاسداري ۽ امن جي روادري ۽ پاڙيسري واري جذبي تحت ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي ڏني آهي ته عام طور تي ڪيترن ئي حلقن پاران پاڪستان کي انجي ڪمزوري تصور ڪيو پيو وڃي جڏھن ڀارت پاڪستان سان تعلقات بهتر ڪرڻ ۾ ڪا لچڪ نه ڏيکاري رهيو آهي ته ان سان دوستي ۽ رعايت ڪا معني نٿي رکي ڀارت هن وقت خود ئي دهشگردن جو حمايتي ملڪ بڻجي ويو آهي اسان پنهنجي مجبورين کي ڪمزورين ۾ ظاهر ڪرڻ جا ڪيترائي نمونا اختيار ڪريون پر ڀارت پنهنجي دشمني وارين حرڪتن تان ڪڏھن به هٿ کڻڻ وارو ناهي, علائقائي صورتحال جي حوالي سان چين سان لداخ واري سرحد تي هو انتهائي مجبور نظر اچي رهيو آهي جنهن مسئلي تو جان ڇڏائڻ لاء سمورا گس تلاش ڪري رهيو آهي ۽ چين جي دانشمندي سبب ڀارت پنهنجي دوست ملڪن سان سفارتي تعلقاتن جي حوالي سان پوئتي ڌڪجي چڪو آهي ۽ چين پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي اهڙي طاقت جي ڀروسي باوجود ڀارت سان ثالثي ڏيکارڻ اسان جي مجبوري نه پر ڪمزوري ظاهر ٿئي ٿي, ۽ ڪلڀوشن معاملي تي پاڪستان کي بلڪل ثابت قدم رهڻ کپي, نڪي  اڀي نند واري غلطي ورجائجي ڀارت هن وقت هندو انتها پسند تنظيمن جي حمڪراني هيٺ آهي جيڪي پاڪستان سان ڪڏھن دوستي جو هٿ وڌائڻ نٿا چاهين جيڪڏھن ڪلڀوشن جي تقدير جو فيصلو هتي لکجي چُڪو آهي ته ان تي ثابت قدم رهڻو پوندو ڀارت کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي نڪي هن سان ثالثي يا دوستي وڌائڻي آهي  گڏيل قومن جي دهشتگردي  جي  نگراني ڪندڙ اداري ٻُڌايو آهي ته ڀارت جي رياست ڪيرالا ۽ ڪرناثڪ ۾ داعش جي اڳواڻ اسامه محمود جي اڳواڻي۾ هڪ وڏوگروه موجود آهي جنهن جي منصوبه بندي آهي پاڪستان تي حملا ڪرڻ جيڪڏھن عالمي ادارن جي اهڙن رپورٽن بعد به ڀارت سان دوستاڻن تعلقاتن,کي بهتر ڪرڻ کان بهتر آھي ته ملڪ اندر موجود خطرن کي منهن ڏيڻ,لاء پنهنجو پاڻ کي مضبوط ڪجي. 

پهنجو تبصرو موڪليو