ڪلڀوشن سان ملاقات ۾ رڪارڊنگ تي اعتراض، سفارتڪار واپس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي ڀارتي سفارتڪارن جي رويي تي افسوس ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو ڪلڀوشن جي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ کانسواءِ واپس هليا ويا. هن چيو ته جڏهن کين ملاقات نه ڪرڻ هئي ته پوءِ هنن قونصلر رسائي گهري ڇو هئي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سفارتي آداب مطابق عمل نه ڪيو ويو ۽ پاڪستان حڪومت رڪاوٽون پيدا ڪيون. شاهه محمود قريشي اهي الزام رد ڪندي چيو آهي ته ڀارتي سفارتڪارن وڄ ۾ شيشو لڳائڻ تي اعتراض ڪيو اهو هٽايو ويو، هنن آديو ويڊيو ريڪارڊنگ تي اعتراض ڪيو اسين اهو به ختم ڪيو پر بنا جواز هو واپس هليا ويا. ڪلڀوشن کين سڏيندو رهيو پر هنن سندس هڪ نه ٻڌي ۽ خاموشي سان واپس هليا ويا. ان کان اڳ پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي ٻڌايو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جاڌو کي ٻيون ڀيرو قونصلر رسائي فراهم ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو ته ڀارتي هاءِ ڪميشن جي ٻن آفيسرن ساڻس ملاقات ڪئي آهي. پاڪستان حڪومت عالمي عدالت جي حڪم موجب کيس فوجي عدالت پاران مليل موت جي سزا خلاف اپيل ڪرڻ جو حق ڏنو آهي ۽ هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو. ڪلڀوشن کي 3 مارچ 2016 تي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو.

File Photo

هو ڀارتي نيوي جو سينئر آفيسر آحي جيڪو ڀارتي ڳجهي اداري را سان سلهاڙيل هو ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث هو. 2017 ۾ کيس پاڪستان جي فوجي عدالت موت جي سزا ڏني هئي. پهرين قونصلر رسائي 2 سيپٽمبر 2019 تي فراهم ڪئي وئي هئي. ان کان اڳ سندس گهرواري ۽ والده کي 25 ڊسمبر 2017 تي ملايو ويو هو. عالمي انصاف جي عدالت بعد حڪومت خصوصي طور آرڊيننس جاري ڪيو هو جنهن هيٺ 60 ڏينهن ۾ اپيل ڪرڻ هئي جيڪا مدت 19 جولاءِ تي ختم ٿي رهي آهي. ڪلڀوشن اپيل داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته کيس ڀارتي وڪيل جي سهولت ڏني وڃي. پاڪستان جو چوڻ آهي ته اهو معاملو بعد جو آهي جنهن وڪيل کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو لائسنس هوندو اهوئي پيش ٿي سگهي ٿو ۽ ڀارتي وڪيل ان جو مدد گار ٿي سگهي ٿو.  هن پاڪستان سرڪار کي رحم جي اپيل ڪئي هئي جنهن ۾ به دهشتگردي جو ڏوهه قبول ڪيو هو. بعد ۾ ڀارت انصاف جي عالمي عدالت ۾ ويو ۽ 2019 ۾ عالمي عدالت فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو هو. عالمي عدالت ڪلڀوشن کي مليل سزا ختم ڪرڻ واري ڀارتي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو