اسلام آباد(اياز مهر) پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت اعلان ڪيو آهي ته ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. اهڙو اظهار قومي سلامتي ڪاميٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس بعد جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيلم وادي ۾ ڀارت پاران ڪلسٽر بم هڻڻ بعد گهرايل تڪڙي اجلاس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي ۽ دفاع وارن وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي ۽ پرويز خٽڪ، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کان علاوه سينئر سياسي ۽ فوجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن پاڪستان عالمي دنيا سان گڏ افغانستان ۾ هلندڙ جنگ ختم ڪرائڻ جي ڪوشششن ۾ رڌل آهي ته اهڙي موقعي تي ڀارت ڪشمير ۾ شدت پسندي ڪري خطي کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ ڇاهي ٿو ۽ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي گڙ بڙ پيو ڪري. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارت مسلسل ڪنٽرول لائن تي سيز فائر جي خلاف ورزي ڪندي ڇڪتاڻ وڌائڻ ۾ مصروف آهي فضائي حدن ۽ ڪنٽرول لائن جي خلاف ورزين بعد هاڻي ڪلسٽر بم هڻڻ شروع ڪيا آهن، جيڪو عالمي انساني حقن ۽ جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهي. هوڏانهن ڪشمير ميڊيا سروس سرينگر مان ڀارتي فوجي ترجمان جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته ڪپواڙا ۾ 7 ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ ڀارت دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستاني فوج ڪنٽرول لائن جي خلاف ورزي ڪندي اندر داخل ٿي آهي، جنهن کي پاڪستان جي فوجي ترجمان بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪيو هو. اجلاس کان اڳ وزيراعظم عمران خان چيو هوته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪشمير بابت ثالثي جو هي مناسب وقت آهي. هن نيلم وادي ۾ ڪلسٽر بم هڻڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن جي مذمت ڪندي جاري ڪيل ٽوئيٽ پيغام ۾ وزيراعظم اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو هو ته هو عام شهرين تي ڪلسٽر بم هڻڻ جو نوٽيس وٺي. ياد رهي ته صدر ٽرمپ چيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ هندوستان چون ته هو ڪشمير بابت ثالثي لاءِ تيار آهي. پاڪستان سندس بيان جو خيرمقدم ڪيو هو پر ڀارت ان کي رد ڪندي چيو هو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي مدد جي ضرورت ناهي. ياد رهي ته پاڪستان جي فوجي ترجمان ٻڌايو هو ته 30 ۽ 31 جولاءِ جي وچ واري رات نيلم وادي ۾ ڀارت پاران هنيل ڪلسٽر بم سبب هڪ ٻار سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 11 ٻيا زخمي ٿيا هئا. هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي ملڪن جي تنظيم جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر يوسف احمد تي زور ڀريو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي نون ظلمن جو نوٽيس وٺي. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاران هندو ياترين ۽ سياحن کي ڪشمير خالي ڪرڻ جي صلاح ۽ 28000 فوج مقرر ڪرڻ مان لڳي ٿو ته هو هٿئين خالي ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائيندو ۽ خطي جو امن تباهه ٿي ويندو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو