ڪفالت جي پئسن مان کلي عام ڪٽوتي، انتظاميه خاموش

اسلام ڪوٽ (صادق بجير )انتظامي لاپرواهي سبب احساس پروگرام لاءِ قائم ڪيل سينٽر توڙي اومني سينٽرن تي وظيفي مان سرعام ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي مليل رپورٽن موجب ته سينٽرن تي ايندڙ اڪثر غريب عورتن ۽ مردن کي اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته توهان جا پئسا اڃا آيا ڪونه آهن ۽ بعد ۾ ساڳئي متاثرين سان رابطو ڪري شام جو سينٽر ٽائيم ختم ٿيڻ کانپوء ذاتي جگهن تي پنج سو کان پندرهن سو روپين تائين رشوت وٺي رقم ڏني ويندي آهي جڏهن ته شهر جي اومني سينٽرن تي بنا ڪنهن ڊپ خوف جي متاثرين کان سرعام رقم ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي انهي کانسواء هڪ پرائمري استاد سرعام پنهنجي گهر جي اوطاق کي اومني سينٽر ٺاهي ڇڏيو آهي جتي لڪ ڇپ ۾ غير قانوني طور سينٽر هلائي رهيو آهي اڪثر ٻهراڙي کان ايندڙ عورتون ۽ مرد روزانو سينٽرن تان چڪر ڪاٽي ڳاٽي ٽوڙ ڪرايا ڀري رشوت عيوض رقم نه ملڻ جي صورت ۾ مايوس ٿي واپس موٽي وڃن ٿا اومني سينٽر وارن جي بليڪ ميلنگ ۽ روين کان تنگ ماڻهو مجبورن نه چاهيندي رشوت ڏيئي رقم وٺن ٿا ۽ جيڪي رشوت نٿا ڏين انهن کي سينٽر مالڪن طرفان مختلف بهانا بنائي غريبن کي رلايو وڃي ٿو جڏهن ته اڪثر سينٽرن تي رش لڳل هجي ٿي جتي ايس اوپيز تي ڪوبه عمل نٿو ٿئي ۽ نه ئي متاثرين لاء واڻي سميت ڪي سهولتون مهيسر ٿيل آهن جنهن ڪري ماڻهو سخت پريشان آهن هن سموري صورتحال کان آگاھ هجڻ جي باوجود مقامي انتظاميه مڪمل طور تي خاموش بڻيل آهي ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي جنهن ڪري غريب عوام راشي اومني ماکڪن کان ٻنهي هٿن سان ڦُرجي رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو