ڪشمير صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ طلب

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اقوام متحده ڪشمير جي صورتحال بابت غور لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ جمع 16 آگسٽ تي گهرائي ورتو آهي. اجلاس ۾ ڀارت پاران ڪشمير کي حاصل خاص درجو ختم ڪرڻ، والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو هڻي حد کان وڌيڪ سيڪورٽي فورسز جي تعيناتي، فون ۽ انٽرنيٽ منقطع ڪرڻ ۽ ميڊيا جي ڪوريج تي بندش هڻڻ بعد ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن واري صورتحال ۾ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪرڻ پاڪستان جي ڪاميابي آهي. پاڪستان مسلسل عالمي برادري تي زور ڀري رهيو هو ته ڀارتي اپائن جو نوٽيس وٺن. 50 سالن کان اقوام متحده ڪشمير بابت ڪو اجلاس ناهي گهرايو. ان ڪري هي اجلس انتهائي اهميت جوڳو آهي. تجزيه ڪارن موجب سلامتي ڪائونسل م ڪشمير بابت اجلاس گهرائڻ ڀارت لاءِ وڏو سفارتي ڌچڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو