ڪشمير تي ڀارتي غلبي وارن عزائم خلاف ڪشميرين سان گڏ آهيون،آرمي چيف

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪشمير تي ڀارت جي غالب اچڻ وارا عزائم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، ڪو به ڪشمير جي حيثيت تبديل نٿو ڪري سگهي، پاڪ فوج ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ سدائين گڏ رهندي. اهڙو اظهار هن يوم آزادي ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. فوج جي تعلقات عامه جي شعبي جي سربراهه ٽوئيٽ ذريعي سندس بيان جاري ڪيو آهي. آرمي چيف چيو آهي ته 1947ع وارو ڪاغذ جو ٽڪرو ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري سگهيو ۽ نه ئي موجوده قدم ڪشميرجي حيثيت تبديل ڪري سگهندو، مستقبل ۾ به ڪير ڪشمير جي حيثيت تبديل نٿو ڪري سگهي. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان سدائين ڀارت جي غاصباڻن قدمن خلاف ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ رهندو، ڪشمير ڪاز تي سوديبازي جو سوال ئي پيد نٿو ٿئي ۽ پاڪ فوج ڀارتي ظلم خلاف ڪشميرين سان گڏ آهي پنهنجو فرض ادا ڪندي چاهي ان جي ڪيتري به قيمت چڪائڻي پوي.

پهنجو تبصرو موڪليو