ڪشمير تي قبضو ختم ڪرڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ڪنداسين، صدر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڄ پاڪستان ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪشمير جي استحصال جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ صبح هڪ منٽ لاءِ 9 وڳي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ٽريفڪ به روڪي وئي. پرڏيهي کاتي کان شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ جلوس ڪڍيو ويو جيڪو ڊي چوڪ تي پهچي ختم ٿيو. جلوس ۾ شريڪ ماڻهن ڀارتي قبضي خلاف نعريبازي ڪئي. ڊي چوڪ تي صدر عارف علوي، اطلاعات وارو وزير فواد چوڌري ۽ گهرو کاتي جي وزير شيخ رشيد به شريڪ ٿيا.صدر عارف علوي ڀارتي قبضي جي مذمت ڪندي اعلان ڪيو ته جيسين ڀارت ڪشمير تان قبضو ختم نه ڪندو تيسين ساڻن ڪا به ڳالهه ٻوله نه ڪئي ويندي. پاڪستان گڏيل قومن جي ٺهراءَ موجب معاملي جي حل تائين سندن سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.

Photo Sindh Govt

چئني صوبن ۾ وڏن وزيرن جي سربراهي ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف استحصال جو ڏينهن ملهايو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا ايس او پيز هيڄ سي ايم هائوس جي لان ۾ ريلي منعقد ڪئي، جنهن ۾ وزيرن مشيرن، جور ڪمانڊر، آءَ جي پوليس، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو