بلاول، وزيراعظم کي سيڪورٽي رسڪ قرار ڏئي ڇڏيو؟

ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير ۾ چونڊ مهم جاري آهي ، ڇنڇر تي هن ڪوٽلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هي ڪٺ پتلي جڏهن چوي ٿو ته ايٽمي پروگرام جي ضرورت ناهي ته ڇا هي سيڪورٽي رسڪ ناهي؟ هن چيو ته ڪشمير جو فيصلو ڪشميري عوام ڪندو، ڪشمير مسئلي تي ڪنهن جِي سوديبازي ۽ ڊڪٽيشن قبول نه آهي. جيڪي چوندا آهن ته پيپلز پارٽي ختم ٿي وئي، اُهي اڄوڪو جلسي ڏسي وٺن، ڪٺ پتلي وزير اعظم کي ڌانڌلي ذريعي عوام مٿان مڙهيو ويو، عمران خان جو اصل چهرو مهانگائي آهي. اڄ ڀارت بنگلاديش ۽ افغانستان ۾ به ايتري مهانائي ناهي جيتري عمران خان جي پاڪستان ۾ آهي. پيپلز پارٽي ڪراچي کان ڪشمير تائين موجود آهي. پيپلز پارٽي جو بنياد ئي ڪشمير مسئلو هو ۽ اسان اڄ به شهيد ڀٽو جي نعري تي قائم آهيون ته ڪشمير جي آزادي لاءِ هزار سال جنگ ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو