ڪشمير بابت ٽوئيٽ تي ٽوئٽر جو صدر عارف علوي کي نوٽيس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مائيڪرو بلاگنگ سوشل ميڊيا ٽوئٽر پاڪستان جي صدر عارف علوي کي والاريل ڪشمير بابت ٽوئيٽ ڪرن تي نوٽيس ڏنو آهي. انساني هقن جي وزفاقي وزير شيري مزاري ان جي مذمت ڪندي مضحڪه خيز قرار ڏنو آهي. هن ٽوئٽر تي ڪاوڙ ڪندي چيو آهي ته هو ايترو اڳتي نڪري ويو آهي جو بدمعاش مودي جو ”مائوٿ پيس“ يعني آله ڪار پيو بڻجي. صدر علوي 24 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن بابت ٽوئيٽ ڪيا هئا جن جي شڪايت ملڻ تي توئٽر کيس اي ميل ڪندي خبردار ڪيو آهي. ٽوئٽر اي ميل ۾ لکيو آهي ته هنن صدر جي ٽوئيٽس جو جائزو ورتو آهي ۽ انهن ٽوئيٽس سان ڪمپني جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ۽ نه ئي سندس اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ياد رهي 21 آگسٽ تي ٽوئٽر پاڪستن جا 200 اڪائونٽ نامناسب ٽوئيٽ ڪرن جي الزام هيٺ بند ڪيا هئا، جنهن بعد پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي اهو معاملو ٽوئٽر سان اٿاريو هو ته اڪائونٽ بند نه ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو