‘ڪشميرين کي گڏيل قومن جي ٺهراءَ موجب حق خود اراديت ڏيو’

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڄ سڄي دنيا ۾ حق خوداراديت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلسا جلوس ۽ تقريبون مقرر ڪيون پيون وڃن. صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت ۾ پنهنجا پيغام جاري ڪيا آهن، صدر چيو آهي ته ڪشميري انتظار ڪري رهيا آهن ته گڏيل قومن ۾ ڪيل واعدي تي عمل ڪيو ويندو. صدر چيو ته ڪشمير تڪرار جمهوري طريقي سان حل ڪيو وڃي، گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ آزاد ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرايو وڃي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي برادري ۽ خاص طور تي اقوام متحده کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشميرين ڀارتي قبضي ۽ ظلم خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکي آهي. وزيراعظم ڪشميرين جي يوم حق خوداراديت جي موقعي تي ڪشميرين سان گڏ بيهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو