ڪشميرين سان گڏ آهيون، سندن حمايت جاري رکنداسين،عارف علوي

ڪراچي(نمائندن وٽان) پاڪستان جي 73 هين آزادي جي ڏينهن، جنهن کي ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن م جلسا جلوس منعقد ڪيا پيا وڃن. مرڪزي تقريب اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿي جتي صدر عارف علوي جهنڊو ڦڙڪايو.هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي ڪالهه به حمايت ڪئي اڄ به ڪريون ٿا ۽ اها جاري رکنداسين، ڪشميري اسانجا پنهنجا آهن هنن جي تڪليف اسان جي تڪليف آهي، اسين ڪشميرين سان گڏ آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي ته ان جي اثرن کان دنيا به محفوظ نه رهندي. تقريب چيئرمين سينٽ، اسپيڪر قومي اسمبلي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، غير ملڪي سفيرڻ ۽ ٻين مهمانن شرڪت ڪئي. ڪشميري ليڊر ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ خصوصي دعوت تي شريڪ ٿي. ان کان اڳ صبح جو وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي.

ڪراچي مقائد اعظم جي مزار تي گارڊز جو دستو تبديل ٿيو ۽ نيوي جي 48 گارڊز تي مشتمل حفاظتي جٿي ڊيوٽي سنڀالي. لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي ناردرن لائٽ انفينٽري جي جٿي ذميواري سنڀالي.

پهنجو تبصرو موڪليو