ڪشمور ٽرالر ڪلٽي 4 فوت ۽ 3 زخمي اسپتال منتقل

ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو )ڪشمور انڊس هائي وي تي پريس ڪلب آڏو اوور لوڊ ٿيل 12 ويلر ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو 4ڄڻا فوت ۽ 3  زخمي، زخمي کي رحيم يار خان  اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪشمور جي مين انڊس هائي وي تي سارين سان ڀريل 12ويلر ٽرالر اوور لوڊ هئڻ ڪري ۽ انڊس هائي وي جي حالت خراب هئڻ ڪري ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ اتان گذرندڙ پي پي ايل گيس فيلڊ پير ڪوھ جي ايمبولينس ۽ هڪ چنگچي رڪشا ٽرالر جي هيٺان اچي ويا روڊ حادثي جي اهڙي اطلاع تي ڪشمور جي سماجي ورڪرن پوليس ۽ شهرين پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت ۽ ڪرين مشين جي مدد سان ٽرالر کي سڌو ڪيو جنهن دوران سڀني زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال ڪشمور پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران مسمات راڻي بگٽي 10سالا نينگر محمد امين بگٽي چنگچي رڪشا جي ڊرائيور غلام اڪبر لنجواڻي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي جڏهن ته مسمات تاج بيبي بگٽي عبدالغفور بگٽي  محمد نواز ۽ حضور بخش لوهر سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طبي امداد ڏيئي رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي جڏھن ته آخري اطلاعن تي زخمين ۾ عبدالغفور بگٽي رحيم يار خان اسپتال ۾ زخمين جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ڪشمور جي سماجي اڳواڻن جو ان حادثي بعد چوڻ هو ته ڪشمور جو مين انڊس هائي وي ڪافي عرصي کان مختلف هنڌن تان اکڙيل آهي۽ گذريل ڪجهه  عرصي کان ان جو ڪم هلي رهيو آهي جنهن جي غلط پلاننگ ۽ڪم جي سست رفتاري سبب اهڙا حادثا ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو