ڪشمورضلعي ۾ مختلف واقعن ۾ هڪ فوت، 2 لڙهي ويا، 16 زخمي

ڪراچي ( نمائندن وٽان) ڪشمورضلعي ۾ پيش آيل ٽن ڌار ڌار واقعن ۾ روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، 2 ڄڻا درياءُ پار ڪندي لڙهي ويا ۽ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ عورت سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪشمور مان جي ايم کوسو مطابق وردگ پمپ وٽ انڊس ھاءوي تي مسافر ڪوچ جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر سبب بخشاپور واسي بخشو عرف لاھوري ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ڪشمور پوليس ڪوچ ڊرائيورکي گرفتار ڪري ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي واقعي ۾ سومر تي صبح جو پنجاب جي روجھاڻ جا رھواسي امام دين ۽ تنوير مزاري ڪچي جي راضي واري علائقي ۾ سنڌو درياءُ پار ڪري رھيا ھئا ته تيز وھڪري جي ور چڙھي ويا. لڙهيل همراهن کي ڳولڻ لاءِ وارثن پاران رحيم يار خان ۽ روھڙي کان ٺوٻا گھرايا ويا، جيڪي ڳولا ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ڪنڌڪوٽ مان غالب بلچ موجب ڳوٺ نبي بخش گولو ۾ زمين جي تڪرار تان گولا برادري جي  ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادانا استعال ڪيو.

جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج لاء اسپتال نيو ويو. زخمين ۾ مھربان گولو، خدابخش، پناھ ، شاھنواز، خاوند بخش، عبدالستار، لال بخش ، حضور بخش، امداد ، حاجی نیڪ، مختیار، جنگل، لیاقت، لکمیر ۽ مسمات جمل خاتون شامل آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو