ڪسٽم پاران لکين روپين جي سمگل ٿيل سامان کي باھ

سکر(امداد علي ڪلوڙ ) ڪسٽم پاران اندرون سنڌ ۾ ٿيل ڪاروائين ۾ پڪڙيل سمگلنگ واري سامان کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. ان سامان ۾ غير ملڪي دوائون، پان پراگ، شراب، آتشبازي جو سامان ۽ سوپاريون شامل آهن. ڪسٽم اختيارين موجب سڙيل سامان جي ماليت 2 ڪروڙ  21 لک 96 هزار روپيا ٻڌائي وئي. اهو سمگل ٿيل سامان سال 2019 ۾ ٿيل ڪاروائين ۾ پڪڙيو ويو هو.  ان موقعي تي ڪسٽم  آفيس ۾ هڪ تقريب منعقدڪئي وئي جنهن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن، تاجرن، شهر جي ڪجهه معززن به شرڪت ڪئي. ڪسٽم سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انٽلي جينس ۽ انويسٽي گيشن سيد محمد رضا نقوي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عمران رسول صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته محڪمه ڪسٽم جي پاران غير قانوني سامان ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام  لاءِ هر ممڪن اپاءَ ورتا پيا وڃن. هنن چيو ته غير قانوني اسمگلنگ سبب قومي خزاني کي ٽيڪس جي مد ۾ وڏو نقصان پهچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو