ڪسٽمز جي مخبر جي قتل ڪيس ۾ اهم انڪشاف ۽ اڳڀرائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪسٽم انٽيليجنس جي مخبر جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او سچل ۽ جعلي ميجر سان گڏ گرفتار ڪيل جوابدار فوزيه چيني شهري جي گهرواري آهي. ڪسٽم جي مخبر فضل کي 17 جولاءِ تي سرجاني ٽائون مان سندس گهر مان پوليس موبائل ۾ اغوا ڪيو ويو هو، جنهن بعد ساڳئي رات اسٽيل ٽائون واري علائقي مان فضل جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو هو. فضل جي مدد سان ڪسٽم انٽيليجنس مئي ۾ 7 ڪروڙ رپيا جون نشي واريون سوپاريون ۽ ٻيو مال هٿ ڪيو هو، ضبط ڪيل سامان مبينا طور تي عمران مسعود ۽ سندس ساٿي وحيد ڪاڪڙ جو هو. پوليس ذريعن موجب جوابدار فضل جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي دستاويزن جي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته عيسائي برادري سان تعلق رکندڙ 40 سالن جي ملزم فوزيه چين جي شهري لين زيگسن سان 2018 ۾ شادي ڪئي هئي. ملير بلوچ محلا جي گڊاپ جي رهواسي فوزيه 11 مئي 2019 تي نادرا جي رڪارڊ ۾ چيني شهري سان شادي ڪئي هئي. ٻئي طرف ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي جاچ آفيسر راجا عمر خطاب جي سربراهي ۾ اسپيشل پوليس ٽيم ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي. سي ٽي ڊي آفيسر راجا عمر خطاب جي سربراهي ۾ اسپيشل پوليس ٽيم ثبوت ملڻ تي فضل قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جنهن بعد اڳوڻي ايس ايڇ او سچل هارون ڪورائي، فوزيه، عثمان عرف ميجر ۽ ٻين جوابدارن کي جيل موڪليو ويو آهي. راجا عمر خطاب موجب گرفتار جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او سچل هارون ڪورائي جي ٽيم سان گڏ پوليس آفيسر بڻجي جعلسازي ڪندو رهيو.  پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل مخبر فضل جي لاش جي هٿڪڙيون لڳل وڊيو ملزمه فوزيه ٺاهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو