ورلڊ ڪپ فائنل، ميچ برابر، سپر اوور ۾ انگلينڊ کٽي ويو، نئين تاريخ رقم

لنڊن(ڊيسڪ رپورٽ) انگلينڊ جي تاريخي ڪرڪٽ گرائونڊ اوول ۾ ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ جو فيصلو به تاريخي ٿيو ۽ سپر اوور ۾ انگلينڊ طرفان اسٽوڪس ۽ بٽلر آيا ۽ بولٽ جي سپر اوور ۾ 15 رنس ٺاهي ويا. جنهن بعد انگلينڊ جي آرچر کي سپر اوور لاءِ چونڊيو ويو ۽ نيوزيلينڊ طرفان گپٽل ۽ نيشام بيٽنگ لاءِ آيا ۽ پهرين بال تي 3 رنس کين مليون، ٻئي بال تي نيشام ڇڪو هنيو، ٽئين بال تي 2 رنسون ٺهيون، چوٿين بال تي به 2 رنس ٺهيون ۽ هڪ بال تي 2 رنسون گهربل هيون ۽ گپٽل آخري بال تي گپٽل 2 رنسن جي چڪر ۾ نيوزيلينڊ کي هارائي ڇڏيو. تارخ ۾ پهريون دفعو انگلينڊ ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ کٽيو. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽8 وڪيٽن تي 241 رنز ٺاهيون. جواب ۾ انگلينڊ 241 ٺاهيون ۽ ميچ برابر ٿيڻ بعد سپر اوور ۾ فيصلو ٿيندو. ڪرڪٽ جي نئين تاريخ رقم ٿي وئي. انگلينڊ جي بيٽنگ شروع ٿي ته سندن اسٽار بيٽسمين جيسن راءِ 17 رنز ٺاهي جلدي آئوٽ ٿيو، بيئر اسٽوو 36 ۽ روٽس 7 رن ۽ مورگن 9 رنس تي ناقابل يقين انداز ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، بٽلر 59 ۽ ووڪس 2 ۽ پلنڪٽ 10 رنس تي آئوٽ ٿيو. نيوزيلينڊ اسٽارٽ ڍيڪ ورتو پر نڪولس کي ايل بي ڊبليو آئوٽ قرار ڏنو ويو پر رويو ۾ امپائر فيصلو واپس ورتو. هو 55 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، ليٿم 47 ٺاهيون، ٻيو ڪو به رانديگر ٺمي کيڏي نه سگهيو. گپٽل ووڪس جي بال تي 19 رنزتي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو، وليمسن 30، ٽيلر 15، نيشام 19 رنز ٺاهيون. پلنڪٽ ۽ ووڪس ٽي ٽي وڪٽ وٺي ڪيويز جو بيٽنگ تباهه ڪري ڇڏي. هڪ موقعي تي لڳو پئي ته هو 200 به نه ڪندو پر پوءِ به 241 ٺاهي ويا. ميزبان انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جن ڪڏهن به فائنل ناهي کٽي انهن مان هڪ اچ جو فاتح ٿيندو. مورگن يا وليمسن پنهنجي قوم جو هيرو ۽ ڪرڪٽ جو بادشاهه بڻبو. مورگن چيو آهي ته اڄ شرمائڻ جو ڏينهن ناهي، اسانکي جارحاڻي راند ڪرڻ پوندي. ڀارت کي گهر ڀيڙو ڪندڙ وليمسن جو چوڻ آهي ته ڪير به ڪنهن کي به شڪست ڏئي سگهي ٿو، غلطي نه ڪرڻ وارو ميچ کٽيندو. انگلينڊ زخمي جيسن راءِ جي واپسي بعد مسلسل ٽي ميچ کٽڻ بعد پراميد آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ 71 رنز جي سراسري رکندڙ راءِ اڄ به اهم ڪردار ادا ڪندو. سندن ٽارگٽ 2 سينچريون ۽ 2 ففٽيون هڻندڙ وليمسن کي ڪنٽرول ڪن. گپٽل جيڪو هن وقت تائين ناڪام رهيو آهي اڄ ان جو به امتحان آهي. ياد رهي ته هن مهل تائين ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ 5 ڀيرا آسٽريليا، ٻه ٻه ڀيرا انڊيا ۽ ويسٽ انڊيز ۽ هڪ هڪ دفعو پاڪستان ۽ سريلنڪا کٽي چڪا آهن. ڪرڪٽ ايجاد ڪندڙ انگلينڊ لاءِ ڪپ کٽي تاريخ لکڻ جو اڄ نادر موقعو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو