ڪرپشن جو نئون طريقو، ڪيمپس جي زمين مقاطي تي!

دادو(ن سنڌيار)سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس دادو جي زمين مقاطي تي ڏيڻ جو انڪشاف؛ دادو جي سماجي شھري اڳواڻن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي پيپلزپارٽي ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق ۽ عورت ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو يونيورسٽي ڪئمپس دادو کي ڏنل زمين جو معائنو ڪيو ء اتي اليگل زمين آباد ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو.  سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس لاءِ الاٽ ٿيل 50 ايڪڙ زرعي زمين ۽ ٻن ايم پي ايز پاران بلاڪن جي تعميراتي ڪم لاءِ 15 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي باوجود دادو ڪئمپس کي الاٽ ٿيل زرعي زمين ۾ پوکي ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪئمپس جي 50 ايڪڙ مان 20  ايڪڙ زمين ۾ هر ھڻائي آبادي ڪرائي پئي وڃي ، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي تہ دادو ڪئمپس جي پرو وي سي ڊاڪٽر سيد اظهر علي شاھ پاران ڪئمپس جي اڏاوتي ڪم لاءِ بجيٽ نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي دادو جي چونڊيل نمائندن سان گڏجاڻيون ڪري ڪئمپس جي زمين ۾ فصل ڪرائڻ لاءِ اجازت پڻ گهري هئي پر دادو جي چونڊيل نمائندن پاران پرو وي سي کي ڪئمپس جي زمين ۾ فصل جي پوکي ڪرائڻ کان روڪيو ويو هو ، ان جي باوجود پرو وي سي پاران ڪئمپس جي زرعي زمين ۾ هر ڪهرائي گاھ جو فصل پوکيو ويو آهي ، شھرين جي شڪايتن تي پيپلزپارٽي جوايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق ۽ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جائزو وٺڻ لاءِ ڪئمپس جي لاءِ مليل زمين تي پھتا ته اتي گاھ پوکيل ڏسي فوڪل پرسن پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظھر شاھ سان فون تي رابطو ڪري اچڻ جو چيو پر ھو نه آيو ٖ ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو چيو ته ھن ڪئمپس جي لاءِ ڪيل ڪوششن تي اڳوڻو وزير تعليم پير مظھرالحق جس لھڻي مان ان وقت جي صدر آصف علي زرداري کي چئي ھن جي منظوري ورتي مون ۽ پير مجيب الحق فنڊ ڏياريا ته ھتي اڪيڊمڪ بلاڪ ٺھن پر افسوس فوڪل پرسن پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظھر شاھ چئي ٿو ته مان ھتي وڻ پوکايان ٿو پر ھتي فصل جي پوکائي لڳي پئي آھي اھا ڳالھ ڪنھن صورت ۾ قبول نه ڪنداسين بئريسٽر پير مجيب الحق چيو ته ھي يونيورسٽي ڪئمپس جي 50 ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت کان بنا معاوضي ڏياري ته ھتي تعليمي ادارو جوڙايو وڃي ۽ اھا زمين صرف ان مقصد لاءِ ڏنل آھي ھتي ته ان جي ابتڙ فصل پوکايو پيو وڃي جنھن لاءِ اسان   منع به ڪئي ھئي ڪئمپس جي بلاڪن جي تعمير لاءِ مون 10 ڪروڙ ۽ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو سنڌ حڪومت کان 5 ڪروڙ روپيا منظور ڪرايا پرپرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظھر شاھ  فصل پيو ڪرائي جنھن لاءِ اسان کيس منع به ڪئي ان عمل تي شھرين کي پڻ سخت ڪاوڙ آھي اسان اھو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. زمين ڪئمپس جي اڏاوتي پرپز لاءِ الاٽ ٿيل آھي فصل جي پوکي لاءِ الاٽ ناهي ٿي ، مون پنهنجي بجيٽ مان ڪئمپس بلاڪ تعمير ڪرائڻ لاءِ 10 ڪروڙ ۽ ڪلثوم چانڊيو 5 ڪروڙ ڏنا آهن ان رقم بلاڪن جو اڏاوتي ڪم ڪرائڻ بدران زمين ۾ فصل جي پوکي ڪرائڻ مذمت جوڳو عمل آهي. زمين سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاءِ الاٽ ٿيل آهي زرعي آبادي لاءِ ناهي ، هٿ وٺي ڪمپس انتظاميا دادو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان دشمني تحت ڪئمپس جي زمين ۾ فصل جي پوکائي ڪرائي ڪمائي جو رستو اختيار ڪيو آهي ، هنن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي چونداسين ڪئمپس جي زمين تي فصل جي پوکي ڪرائيندڙن خلاف جاچ ڪرائي ملوث انتظاميا خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڪامريڊ ايم عمر پنهور  امداد حسين ڏاوڇ حاجي لائق سولنگي احمد نواز سولنگي علي حيدر قمبراڻي.ولي محمد لنڊ محمد خان ڀنڊ منير احمد پنهور شھمير چھواڻ ڪامريڊ نظيراحمد قمبراڻي عمران علي پنهور.آصف پنهور ۽ ٻيا موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو