ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ 2 ايڪسيئنز نيب هٿان گرفتار

سکر (جيرام داس ) نيب شڪارپور ۾ ڪروڙين رُپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ ٻن ايڪسيئنز کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڇاپا هنيا ويا جنهن دوران ورڪس اينڊ سروسز شڪارپور جي ايڪسيئن طفيل کوسو ۽ ايڪسيئين الهڏتو پنهيار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪارپور ۾ روڊ ئي نه ٺهيو پر ٺيڪيدار محمد علي جي نالي سان هڪ چيڪ ڪڍيو ويو. اُن کانپوءِ ٺيڪيدار جي نالي سان رقم ڪڍي پئسا عبدالرزاق بهراڻي جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا. اهو عبدالرزاق بهراڻي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراني جو مبينا فرنٽ مين آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار عملدارن تي 14 ڪروڙ 90 لک رُپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو