ڪروڙين روپين جي لاڳت سان قائم گڏاپ اسپتال نان فنڪشنل، حڪومت جاچ ڪرائي

گڏاپ (ن س) ڪراچي جي قديمي سنڌي وسندي لاسي ڳوٺ ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان قائم 100 بسترن تي مشتعمل اسپتال ۾ نه عملو آهي نه مشينري، عوام پريشان شاندار اسپتال رولڙي جو شڪار آهي. 13سال گذرڻ باوجود اسپتال فنڪشنل نه ٿي سگهي، بلاول ڀٽو نوٽيس وٺي معاملو حل ڪري. سامان بيڊ، آپريشن ٿيٽر جا اوزار ,ايڪسري مشين وغيره صحت کاتي فراهم ناهي ڪئي. حڪومت ڪاغذي ڪاروائي ڪري مڪمل عملو ڏيکاريو آھي، ڊاڪٽر، ڊاڪٽراڻيون، فيميل نرس، ميل نرس، وارڊ بواء، ٽڪنشن ، ايڪسري مشين آپريٽر,وارڊ انچارج ,اوٽي جو مڪمل عملو ڏيکاريو ويو آھي پر ان هوندي به هڪ نرس هڪ وارڊ بواء صبح جو 11وڳي اچن ٿا مريضن کي چيڪ ڪري هڪ وڳي اسپتال کي تالا هڻي بند ڪري هليا وڃن ٿا. رهواسين عباس جتوئي ,عرفان علي بوزدار، خالد حسين، اسد علي ، نواب خان ، ڪامران خان رند ء ٻين گڏاپ پريس ڪلب جي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته اسپتال صرف اڌ ڏينهن کلي ٿي ۽ ڪروڙين روپين جي ماهواردوائن جي بجيٽ ملڻ باوجود مريضن کي سرڪاري دوا نه ٿي ملي. هنن جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ مقرر ٿيل باقي عملو ويزا تي ويل آھي. ڪجھ پنهنجون پرائيويٽ اسپتالون هلائن ٿا ته ڪجھ وري پنهنجي ٻين دڪان واپار وغيره ۾ مصروف آھن. ٽي ايڇ او گڏاپ اسپتال جي مسئلي کي حل ڪرڻ بدران عطائي ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽراڻين سان ملي ڀڳت ڪري رشوت وٺي ٿو. شهرين وزيراعلي سنڌ، وزير صحت، سيڪريٽري صحت، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪرائي ڊميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو