ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت، ٻئي حادثي ۾ 3 زخمي

روھڙي (ن سنڌيار) بائي پاس ويجهو شاھ رخ سي اين جي فلنگ اسٽيشن سامهون قومي شاهراھ تي تيز رفتار موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو زخمي. جڏهن ته زخمين کي ايڌي ايمبولينس ذريعي طبعي امداد لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين ۾ احسان علي عمر 22 سال، قربان علي عمر 50 سال، عبدالقدیر عمر 24 سال شامل آهن. هوڏانهن هڪ ٻئي واقعي ۾ ڪنڌرا جي ڳوٺ باغ علي شاھ ۾ 7 سالن جو ايان علي شيخ موبائيل فون چارج تي لڳائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو