ڪردار ڪشي بند ڪريو، صحافين کي تحفظ ڏيو احتجاج

ڳاڙھو(ن س) ٺٽو پريس ڪلب جي صحافين جي ڪرادر ڪشي ڪرڻ خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يعني ايڇ يوجي، ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ ۽ سئينيرصحافي عبداللله راڻو ۽ لقمان کٽي جي سڏ تي مقامي صحافين احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عبدالله راڻو چيو ته بيباڪ صحافين جي سوشل ميڊيا ذريعي ڪردار ڪشي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي. هن چيو ته آزاد صحافت تي وار ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن اعلىٰ اختيارين کا مطالبوڪيو تہ هو معاملي جو نوٽيس وٺن، ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. انهي موقعي تي صحافي علي رضا پيروزاڻي حيدر جو ڳي فيض سنڌي غلام نبي خاصخيلي قادر عثمان خليفو ماجد شبير ملاح جان محمد ملاح جڏھن تہ سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻن مٺو لاشاري غلام علي شاھ پاڪستان فشرفوڪ فورم اڳواڻ شفيع محمد ميمڻ عوامي تحريڪ کاروڇاڻ جو اڳواڻ ايوب سهتو ۽ ٻيا به احتجاج ۾ شامل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو