ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو، سڄي ملڪ ۾ جلوس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪربلا جي شهيدن جو اڄ چاليهو وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. مختلف شهرن الم پاڪ، تعزين ۽ ذوالجناح جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن.ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس ٻنپهرن بعد نستر پارڪ مان برآمد ٿيندو ۽ کارادر م ختم ٿيندو. مختلف جاين تي جزوي طور موبائيل سروس معطل آهي. موٽر سائيڪل تي ٻٽي سواري تي پابندي آهي. جلوس جي رستن تي ڪنٽينر رکي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين اسلام جي سربلندي لاءِ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي قرباني ڏئي پان کي امر ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو