ڪربلا جو معنائتو درس سڀني لاءِ ضروري آهي

ليکڪ  عبدالفتاح عباسي

ڪربلا جو واقعو صدين گذرڻ سان گڏ انهيءَ ڊگهي عرصي دوران امت مسلمه جي عظيم محققن، مفڪرين، فقهاءَ، محدثين، صوفياءِ ڪرام جي مقدس جماعتن آيون جن ڪربلا جي واقعي تي بيشمار ڪتاب لکيا ۽ واقعي ڪربلا کي اول کان آخر تائين نهايت مسند حوالن جي روشنيءَ ۾ پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي، الله تعاليٰ بلڪل صاف ۽ واضع طور تي فرمائي ڇڏيو آهي ته اي محبوب صلي الله عليه وسلم دنيا وارن کي هيءَ ڳالهه ٻڌائي ڇڏ ته توهان جا ماءُ، پيءُ، توهان جا پٽ، توهان جون عورتون، توهان جا خاندان، توهان جو مال ۽ اهو سودو جنهن جي نقصان جو توهان کي خوف آهي ۽ توهان جا گهر هيءُ سموريون شيون جيڪڏهن الله تبارڪ و تعاليٰ ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم کان وڌيڪ گهڻو پيارا ۽ محبوب آهن ته پوءِ توهان الله تعاليٰ جي عذاب جو انتظار ڪريو، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ مومن لاءِ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي محبت نه صرف فرض آهي بلڪ سمورن رشتيدارن ۽ سمورن قيمتي شين مال متاع کان به وڌيڪ محبوب ٿيڻ گهرجي ۽ سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جو فرمان عاليشان آهي ته ؛ يعني توهان مان ڪو مومن ناهي جيستائين مان انهن کي ماءُ، پيءُ ۽ انهن جي اولاد  ۽ سمورن ماڻهن کان محبوب نه ٿيان. انهيءَ حديث پاڪ صاف ۽ واضع ڪري ڇڏيو ته مومن ڪامل اهو ئي آهي، جنهن جي دل ۾ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي محبت سموري دنيا جي ماڻهن کان وڌيڪ هجي،ايتري تائين جو انهيءَ جو پيءُ ماءُ  هجي يا انهيءَ جي اولاد ئي ڇو نه هجي، وڌيڪ فرمايو ويو ته ؛ توهان مان ڪو به شخص انهيءَ وقت تائين ڪامل مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين مان انهيءَ کي انهيءَ جي جان کان به وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان.

محمد ڪي محبت دين حق ڪي شرط اول هي،

اسي مين هو اگر خامي تو سب ڪچهه نامڪمل هي،

محمد ڪي غلامي هي سند آزاد هوني ڪي،

خدا ڪي دامن توحيد مين آباد هوني ڪي،

 محمد هي متاع عالم ايجاد سي پيارا،

پدر، مدر، برادر و جان و اولاد سي پيارا.    

اهلبيت اطهار ۽ اصحابه ڪرام جي محبت عين محبت رسول الله صلي الله عليه وسلم آهي ۽ انهن جي عداوت عين عداوت رسول الله صلي الله عليه وسلم آهي، انهيءَ لاءِ مسلمانن مومنن کي گهرجي ته اهي پنهنجي دل ۾ انهن نفوسِ قدسيه جي محبت رکن ۽ پنهنجي زبان ۽ پنهنجي تحريرين ۾ انهن نفوس قدسيه جي محبت ڳالهائن ۽ تحرير ڪن، سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم اهلبيت ڪرام سان محبت ڪرڻ جي متعلق ارشاد فرمايو آهي ته ؛ خدا جو قسم ڪنهن شخص جي دل ۾ انهيءَ وقت تائين ايمان نه هوندو جيستائين اهلبيت سان الله جي لاءِ ۽ منهنجي قرابت جي ڪري محبت نه ڪري. يعني مون سان محبت ڪريو ٿا ته انهيءَ ڪري منهنجي اهلبيت سان به محبت ڪريو. ڏسو ته هڪ حديث پاڪ ۾ اهلبيت جي محبت کي ڪامل ايمان ۽ ٻئي حديث پاڪ ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي محبت جو دارومدار اهلبيت جي محبت کي قرار ڏنو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اهلبيت اطهار سان محبت حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم آهي، جڏهن ته آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي محبت تمام مخلوق تي فرض آهي ته اهڙي طرح اهلبيت پاڪ جي محبت به ائين ئي فرض آهي، اهلبيت پاڪ جي محبت سرمايه ايمان ۽ رضاءِ الاهيءَ جو ذريعو آهي، انهيءَ سلسلي ۾  اهل بيت اطهار جي شان ۾ فضائل قرآن پاڪ، حديث پا جي روشنيءَ ۾ پيش ڪندي سيدي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه جي ڀاءَ حضرت علامه حسن رضا خان بريلوي رحمت الله عليه پنهنجي منقبت ۾ فرمائن ٿا ته ؛ باغ جنت ڪي هين بهر مدح خاون اهل بيت، تم ڪو مزدهه نار ڪا اي دشمنان اهل بيت، ڪس زبان سي هو بيان عزو شان اهل بيت، مدح گوئي مصطفيٰ هي مدح خوان اهل بيت، ان ڪي پاڪي ڪا خدائي پاڪ ڪرتا هي بيان، آيه هي تطهير سي ظاهر هي شان اهل بيت، ان ڪي گهر مين بي اجازت جبرائيل آتي نهين، قدر والي جانتي هين قدر و شان اهل بيت، رزم ڪا ميدان بنا هي جلوه گاهه حسن و عشق، ڪربال مين هو رها هي امتحان اهل بيت، پهول زخمون ڪي کهلائي هين هوائي دوست ني، خون سي سينچا گيا هي گلستان اهل بيت، گهر لٽانا،  جان دينا ڪوئي تجهه سي سيکهه جائي، جان عالم هو فدائي خاندان اهل بيت، اهل بيت پاڪ سي گستاخيان بي باڪيان، لعنت اللهِ عليڪمُ دشمنانِ اهل بيت، بي ادب گستاخ فرقي ڪو سنا دي اي حسن، يون ڪها ڪرتي هين سني داستان اهل بيت. مٺڙي سهڻي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله تعاليٰ عليه وآله وسلم جن فرمايو ته ؛ حسن و حسين جنتي جوانن جا سردار آهن، حسن و حسين هيءُ ٻئي دنيا ۾ منهنجا  گل آهن، مان انهن ڏوهٽن سان محبت ڪريان ٿو، اي الله تون به انهن سان محبت ڪر، ياد رکڻ گهرجي ته دشمن اهل بيت پاڪ يزيد پليت فاسق فاجر، شرابي، بدڪار، ظالم، بي ادب، گستاخ هيو، انهيءَ جون شرارتون ۽ بي هودگيون اهڙيون هيو جو بدمعاشن کي به شرم اچڻ لڳي، حضرت عبدالله بن حنظله رصي الله عنه فرمائن ٿا ته والله ! يزيد تي حملي جون تياريون اسان انهيءَ وقت ڪيون سين جڏهن اسان کي يقين ٿي ويو ته هاڻي آسمان مان پٿرن جي بارش پوندي ڇاڪاڻ ته يزيد جي فسق و فجور جو هيءُ عالم هيو جو ماڻهو پنهنجن مائرن، ڀينرن، نياڻين سان نڪاح ڪرڻ لڳا هيا، شراب پيئڻ شروع ڪري ڏنائون ۽ يزيد خود انهن عورتن سان شاديون ڪري رهيو هو جن کي اسلام محرمات ۾ شمار ڪيو آهي، ماڻهن نمازون ڇڏي ڏنيون هيون ۽ ٻين ڪيترن ئي خرافات گندگين جو اعلانيه رواج پئجي چڪو هيو، يزيد بدبخت پليت مدينه منوره ۽ مڪي مڪرمه جي بي حرمتي ڪرائي، انهن مقدس جاين تي حملو ڪيو ويو هزارين صحابه ڪرام ۽ صحابيات سڳورن کي شهيد ڪيو ويو ۽ نبي ڪريم الله صلي الله عليه وسلم جي مسجد نبوي شريف ۾ گهوڙا ٻڌا ويا، ايتري تائين  جو اتي انهن گهوڙن لڏ ۽ پيشاب ڪيو ۽ ٽن ڏينهن تائين مسجد نبوي شريف ۾ نماز به نه ٿي سگهي، اهڙي طرح مڪه مڪرمه ۾ خانه ڪعبه تي پٿر وسايا ويا، غلاف ڪعبه کي ساڙيو ويو ۽  سيدزادين  جي عصمت دري ڪئي وئي ۽ هزارين صحابه ڪرام کي اتي به شهيد ڪيو ويو، سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم پهريان ئي فرمايو هيو ته ؛ منهنجي سنت کي پهريون بدلائڻ مٽائڻ وارو بني اميه جو هڪ شخص هوندو جنهن جو نالو يزيد هوندو، منهنجي امت هميشه عدل و انصاف تي قائم رهندي ايتري تائين جو بني اميه ۾ يزيد نالي هڪ شخص هوندو جيڪو انهيءَ عدل ۾ رخنه اندازي ڪندو.نوفل بن ابو الفرات چون ٿا ته هڪ ڏينهن حضرت  عمر بن عبدالعزيز ( اموي خليفه ) وٽ هڪ شخص ويٺو هيو ته يزيد جو ڪجهه ذڪر اچي ويو، انهيءَ شخص يزيد کي امير المومنين چيو، جنهن تي حضرت عمر بن عبدالعزيز انهيءَ شخص کي چيو ته ؛ تون ( يزيد ) کي امير المومنين چوين ٿو ؟ ، پوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز حڪم ڏنو ته ؛ يزيد کي امير المومنين چوندڙ کي ويهه ( 20 ) ڪوڙا لڳايا وڃن. اهڙي طرح يزيد پوري سماج سوسائٽي هر قوم ، طبقي لاءِ هڪ اهڙو بدنما ڪردار بڻجي ويو هيو جنهن جو وجود اسلام لاءِ نه صرف خطري جو سبب بڻجي ويو هيو پر يزيد خود هڪ مڪاري، بدڪرداريءَ جو واضع مثال بڻجڻ بعد اسلامي نظام خلاف بغاوت ڪندڙ ثابت ٿيو هيو، هو نه صرف اهلبيت پاڪ جي پاڪيزه گهراڻي جو ويري ۽ دشمن ٿي بيٺو هيو پر هر سنت رسول الله صلي الله عليه وسلم سان وير وٺڻ لاءِ خوف ۽ ڊپ ۾ مبتلا ٿي نت نيا اسلام دشمنيءَ جا باب قائم ڪرڻ لڳو هيو ۽ اهڙي طرح هو شريعت مطهرهه سنت رسول الله صلي الله عليه وسلم کي مٽائڻ لاءِ سرگرم عمل ٿي دنيا جي حرص، لوڀ ۽ لالچ ۾ اچي دنيا آخرت وڃائي ويٺو ۽ قيامت تائين نفرت جو حقدار بڻجي ويو. جڏهن ته نواسهءَ رسول حضرت سيدنا امام عالي مقام امام حسين عليه السلام صبر، شڪر، استقامت، شجاعت ۽ بهادريءَ سان پنهنجو اصلاحي پيغام “ سنت پاڪ ۽ عشق رسول الله صلي الله عليه وسلم”  عام ڪندي شهادت ماڻي ۽ شهيد جو اهو رتبو ۽ شان آهي جو انهيءَ جي خون جو قطرو جيئن ئي زمين تي ڪري ٿو ته اهو رب العالمين جي زيارت ڪري ٿو ۽ شهيد جي بار بار اها تمنا ۽ آرزو رهي ٿي ته جيڪر مان بار بار الله ڪريم جي راهه ۾ قربان ٿي شهيد ٿيان ۽ رب ڪائنات جو ديدار ڪندو رهان.

                  افضل هي ڪل جهان سي گهرانه حسين ڪا،

                      نبيون ڪا تاجدار هي نانا حسين ڪا،

                     اڪ پل ڪي تهي حڪومت يزيد ڪي،

                   صديان حسين ڪي هين زمانه حسين ڪا. حضرت سيدنا امام زين العابدين عليه اسلام  جو فرمان عاليشان آهي ته مون کي ايڏي تڪليف ڪربلا ۾ نه ٿي جيتري ڪوفي وارن جي خاموش رهڻ تي ٿي، ڪوفه هڪ شهر جو نالو ناهي بلڪ هڪ خاموش امت جو نالو آهي، جتي به ظلم ٿئي ۽ امت خاموش هجي ته اهو ڪوفو ۽ اتان جا ماڻهو ڪوفي آهن. ڏات وڏي شيءِ ناهي پر سچ وڏي شيءِ آهي جو سچ مچائي سو مچ وڏي شيءِ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو