ڪراچي ۾ 4.1 جو زلزلو، خلق پريشان، خوف ۾ گهرن کان ٻاهر اچي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شهر جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، عمارتون لڏڻ لڳيون، گهرن ۾ ڇت پکا جهولڻ لڳا، خلق خوف مان پريشان ٿي گهرن مان ٻاهر نڪري آئي. سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو. ڪلفٽن، باٿ آئيلينڊ، ٽاور، لياري، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، گڏاپ، گلستان جوهر، گلشن اقبال، گلشن حديد، ملير، پورٽ قاسم، قائد آباد ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. دهلي ڪالوني، فيڊرل بي ايريا، کارادر، ڪياماڙي، شير شاهه، پهلوان ڳوٺ ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ به زلزلي سبب ڏهڪاءُ پکڙجي ويو،  شهري خوف وچان  ورد ڪندي گهرن مان مان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي جي ماپ ڪندڙ مرڪز موجب ڪراچي ۾ رات 10 وڳي 16 منٽن تي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جو زور 4 ڏهائي هڪ ريڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته زلزلي جِي اونهائي 15 ڪلوميٽر ۽ مرڪز ڊِي ايڇ اَي ڪراچي کان 15 ڪلو ميٽر اتر واري علائقي ۾ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو