ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 15 سيڪڙو کان وڌي وئي

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي اومي ڪرون ويرينٽ جي پکڙجڻ جو سڀ کان وڏو اثر ڪراچي ۾ نظر اچي رهيو آهي جتي ڪورونا ڪيسن جي مثبت اچڻ جي شرح 15 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. صحت واري وزارت جي اختيارين موجب گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 5 هزار 168 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 780 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اوميڪرون ويرينٽ جي شرح 87 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي.هڪ بيان ۾، صوبائي صحت جي عملدارن چيو آهي ته ڪالهه 24 نمونن جي نيڪسٽ جنريشن سيڪوئنسگ ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان 21 نمونن ۾ اوميڪرون ويرينٽ ظاهر ٿيو. اختيارين موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس اوڀر ضلعي ۾ آهن، جنهن کانپوءِ ڏکڻ ضلعو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سومرو چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيسن جي شرح وڌندي رهي ته لاڪ ڊائون لڳائي سگهون ٿا ۽ ٻيا به سخت قدم کڻڻا پوندا، خدشو آهي ته ايندڙ هفتي کان اسپتالن تي بار وڌي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته شادين ۽ ٻين گڏجاڻين ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جتي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو