ڪراچي سميت اڌ سنڌ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون، بحالي شروع

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار) ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو کي بجلي فراهم ڪندڙ اين ٽي ڊي سي جي سوئچ يارڊ تي آسماني بجلي ڪرڻ سبب ڪراچي جي بيشتر علائقن سميت حيدرآباد جي آس پاس جي ڪيترن کي ضلعن ۾ بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون ٿيو. ڪيترن ڪلاڪن بعدي بجلي جزوي طور بحال ڪئي وئي. ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات کانپوءِ ڪيتئرن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي آهي. اختر ڪالوني، قيوم آباد، ڪورنگي، ڊفينس، ڪلفٽن، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، صدر، نيو ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ برسات پوڻ سان شهر ۾ گرمي جو زور ٽٽي ويو. شهر ۾ هلڪي برسات پوندي ئي ڪي اليڪٽرڪ جا 15سئو کان مٿي فيڊرز ٽرپ ڪري ويا، جنهن جي نتيجي ۾ اڌ شهر جي بجلي بند ٿي وئي. حسن ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته ڄامشورو هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ ٿيڻ سان سسٽم  ويهجي ويو، بجلي جي بحالي جو ڪم جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو