ڪراچي ۾ عمارت کي باهه 4 سڙي فوت 7 ڄڻا ٻيا زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سول لائنز ٿاڻي جي ڪچي آبادي هجرت ڪالوني ۾ هڪ عمارت کي باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا، ريسڪيو عملي موجب باهه دوڪان ۾ لڳي جيڪا فائر برگيڊ جي عملي جي اچڻ تائين دوڪان مٿان ٺهيل عمارت جي پهرين ماڙ تائين ڦهلجي وئي. ٻن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي کي اسپتال پهچايو ويو جتي علاج دوران 2 عورتون ۽ ٻارڙي سڙي فوت ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار توقير جي ماءُ عشرت، زال وسيلا، ڌيءُ آيت ۽ ڀاءُ شهريار سڙي فوت ٿيا آهن، سمبل ۽ اويس سميت 7 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، کين سول اسپتال ۾طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو