ڪراچي ۾ بنا شناختي ڪارڊ تي به وئڪسين لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا جِي چوٿين لهر جاري، ڪراچي ۾ مثبت ڪيسز جِي شرح 20 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، اين سي اوسي موجب ملڪ ۾ شرح 7 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ ٿي، عالمي وبا سبب وڌيڪ 67 مريض فوت ٿي ويا، 3 هزار 582 نوان ڪيس سامهون آيا آھن، مرتضيٰ وهاب جو چوڻ اهي ته سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ به ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جو فيصلو، تعليمي سندن يا (ب) فارم ڏيکاري وئڪسين لڳرائي سگهبي، ڪوبه دستاويز نه هجڻ جي صورت ۾ شخصي ضمانت تي وئڪسين لڳائي ويندي، شخصي ضمانت نه هجي ته فارم ڀري موبائيل نمبر لکي وئڪسين ڪرائي سگهبي، پهرين مرحلي ۾ اها سهولت رڳو ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو